آزاد ڪشمير ۾ اسٽيبلشمينٽ جو نوازشريف کي ”آشيرواد“؟

لاهور(سجاد انور) آزاد ڪشمير ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ  بدران نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ پاران پسنديده قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان بابت فيصلو ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه مريم نواز شريف مظفرآباد جي جلسي ۾ ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپس ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ته ڇا هن چونڊ قانون جي ڀڇڪڙي ڪئي آهي؟ ڪشمير ۾ اڃا اليڪشن ناهي ٿي، پر ائين محسوس ٿي رهيو آهي جئين نتيجو اچي چڪو هجي. اسٽيبلشمينٽ جي ويجهن صحافين جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ نون ليگ کي کٽرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڇو ته نون ليگ جا ڪشمير بابت مقصد اسٽيبلشمينٽ سان 100 سيڪڙو ملن ٿا،پوري ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، انٽرنيٽ ۽ ٽيليفون سهولتون بند آهن.اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته احتجاج ڪندڙن سان سختيءَ سان نبرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته نون ليگ به ان ويزن جي سياسي طور تائيد ڪري ٿي.ٻئي طرف، بلاول ڀٽو چئي رهيو آهي ته هڙتالين جي ڪري پوري ڪشمير کي سزا نه ڏيو، انٽرنيٽ ۽ ٽيليفون بحال ڪريو، ۽ هڪ خودمختار ڪميشن جوڙي وڃي جيڪو فيصلو ڪري ته زيادتي ڪنهن جي طرفان ٿي آهي. ان کان علاوه بلاول چاهي ٿو ته ڪشميرين جو اين ايف سي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل، قومي اسيمبلي ۽ سينٽ ۾ مبصر جي حيثيت سان نمائندگي هجي. هو ڪشمير جي ماڻهن جي حقن جو دائرو وڌائڻ چاهي ٿو، پر اسٽيبلشمينٽ ۽ نون ليگ ان سوچ کي ‘مرڪز مخالف’  سمجهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته هو قومپرستيءَ جي سياست کي پسند نٿا ڪن.جيڪڏهن اليڪشن جي ٽرن آئوٽ جي ڳالهه ڪجي ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ناپسنديدگيءَ جي ڪري نون ليگ خلاف ووٽ پئجي سگهي ٿو، پر ٻئي طرف جيڪڏهن ايڪشن ڪميٽي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ٿي ته ٽرن آئوٽ گھٽبو، جنهن جو فائدو نون ليگ کي ٿيندو. پنجاب مان مهاجرن جون 12 مان 9 سيٽون نون ليگ وٽ پڪيون آهن، انهن کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪشمير مان صرف 13 سيٽون وڌيڪ گھرجن، جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ لاءِ اها جنگ کٽڻ تمام ڏکي هوندي.

You might also like