لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب جي عوام جو پئسو پنجاب جي عوام تي خرچ ٿي رهيو آهي، پر اها ڳالهه پيپلز پارٽي کي قبول ناهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته کين خبر آهي ته پيپلز پارٽي کي پنجاب سان ڇو اختلاف ۽ ساڙ آهي.
هن چيو ته پنجاب جي وسيلن مان عوام جي ڀلائي لاءِ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن، جنهن تي ”لاڙڪاڻي جي نوابن“ کي اعتراض آهي.
هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هو هڪ قومي جماعت جو سربراهه آهي ۽ کيس پنهنجي عهدي جو به خيال رکڻ گهرجي.
عظميٰ بخاري سوال ڪيو ته سنڌ حڪومت جا ترجمان پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي بابت عوام کي ڇو نٿا ٻڌائين؟
هن چيو ته وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب جي وسيلن کي اٽڪ کان رحيم يار خان ۽ راولپنڊي کان وهاڙي تائين عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو آهي، جڏهن ته پنجاب جي ترقي ۽ خوشحالي تي تنقيد ڪندڙ تنقيد ڪندا رهندا.
صوبائي وزير چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ پيپلز پارٽي چوٿين نمبر جي سياسي جماعت آهي ته ان ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪو قصور ناهي، ڇاڪاڻ ته پنجاب جو عوام نون ليگ جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيو آهي.
You might also like