ڀارت-زمبابوي ٽي ٽوئنٽي سيريز سڀاڻي کان شروع، انگلينڊ ۽ آئرلينڊ هٿان شڪستون وساري اڳتي وڌنداسين: شرياس اَئيَر

هراري (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شرياس اَئيَر چيو آهي ته برطانيا جي دوري دوران ٽيم ڏکئي مرحلي مان گذري، پر انهن شڪستن مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، جنهن جو فائدو زمبابوي خلاف سيريز ۽ مستقبل ۾ ٿيندو.
زمبابوي خلاف ٽنميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز کان اڳ ڳالهائيندي شرياس اَئيَر چيو ته انگلينڊ ۾ ٽيم جو وقت سٺو نه رهيو، پر ان مان ڪيترائي هاڪاري سبق مليا.
هن چيو ته”اسان کي خبر پئي ته ٽيم طور اڳتي وڌڻ لاءِ ڪهڙين شين تي ڪم ڪرڻو آهي، ميدان تي بهتر ذهني سجاڳي، حالتن موجب پاڻ کي جلدي ايڊجسٽ ڪرڻ ۽ صحيح فيصلا ڪرڻ گهڻو ضروري آهي.“
شرياس اَئيَر موجب، انگلينڊ ۽ آئرلينڊ ۾ شڪستن باوجود ٽيم اڳ کان وڌيڪ متحد ٿي آهي ۽ رانديگر گڏجي مستقبل جي حڪمت عملي تي مسلسل ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته ڀارت کان ٻاهر لڳاتار سيريز کيڏڻ ٽيم لاءِ وڏو تجربو آهي، اهڙن ڏکين مرحلن مان گذرڻ سان ئي مضبوط ٽيمون تيار ٿينديون آهن.
ڀارتي ڪپتان رانديگرن کي پيغام ڏيندي چيو ته ناڪاميءَ جي ڊپ کان آزاد ٿي کيڏڻ گهرجي، ڇو ته خوف سان رانديگر پنهنجي بهترين راند پيش نٿا ڪري سگهن.
واضح رهي ته ڀارت ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 23 جولاءِ کان هراري اسپورٽس ڪلب ۾ ٿيندي.

You might also like