يوسف شاهين جي ڪتاب ’ قديم سنڌو ماٿر ۽ ان جون هم عصر تهذيبون‘ جو مختصر اڀياس

امين جويو

يوسف شاهين جو ڪتاب ’ قديم سنڌو ماٿر ۽ ان جون هم عصر تهذيبون‘ پيڪاڪ پبلشرس پاران سال 2021ع  ۾ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌو ماٿري جي قديم ترين ڳوٺن ۽ شهرن جي باري ۾ ڄاڻ ونڊي وئي آهي؛ جن ۾هڙاپا، مُهين جو دڙو، مَهر ڳَڙهه ، لوٿَل، ڀَرانا، راکي ڳڙهي، ڍول وِيرا، ڪوٽ ڏيجي، چانهوءَ جو دڙو، ڪالي بَنگن، سُوختا ڪوهه، دائم آباد، آمري، مِٽاٿل، گِلند، ستڪاگن ڊور، فرانا، گولا ڍورو، کيرسارا، ڪوٽ بالا، ڪُن تاسي ۽ بانا والي شامل آهن. ليکڪ هنن سڀني قديم وسندين جي باري ۾ ڏنل معلومات لاءِ پنجن مُستند ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. اهي حوالا جديد دور جي گهرجن جي حصاب سان ترتيب ڏنل آهن. هن باب جي آخر ۾سَواستيڪا جي قديم نشان جي باري ۾تفصيل سان سمجهايو ويو آهي. ان جو انت اهو نڪري ٿو ته اهو نشان برڪت، اَمنَ، خوشحالي ۽ سَلامتي جو اُهڃاڻ آهي. ان کان پوءِ آرين جي ڪاههَ ۽ انهن جي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جي باري ۾ لکيل آهي.

 يوسف شاهين لکي ٿو ته؛ ”جڏهن 2600 قبل مسيح ۾ موهن جو دڙو ، هڙاپا ، ڍول ويرا ، ڪالي بَنگن ۽ سنڌو ماٿريءَ جا ٻيا شهر پنهنجي عروج تي هئا. اهي شهر سائنس ۽ ٽيڪنولوجي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا ۽ انهن شهرن جي هاڪَ سموري دنيا ۾ هئي. تڏهن دُنيا جي لاتعداد ماڻهن کي اها خواهش ٿي ته هو سنڌو ماٿر جا شهر ڏسن ۽ اُتي آباد ٿين. آريا مهاجر ، لڳ ڀڳ پنج سئو سالن تائين ، اوڻويهه سئو قبل مسيح کان وٺي پنڌرهن سئو قبل مسيح تائين سنڌو ماٿريءَ ۾ آباد ٿيندا ويا. آهستي آهستي اهي ايترا ته طاقتور ٿي ويا جو هنن پنڌرهن سئو قبل  مسيح دوران سموري سنڌو ماٿري تي قبضو ڪري ورتو ! هنن اهو قبضو اِندر جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪيو. سنڌو ماٿر تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ اهي مهاجر پاڻ کي آريا سڏائڻ لڳا جنهن جي معنيٰ آهي انتهائي معتبر ، عزت ۽ مان وارا  آريا لڳاتار 1500 قبل مسيح کان 1000 قبل مسيح تائين سنڌو ماٿريءَ تي حڪمراني ڪندا رهيا. ان عرصي دوران هنن سنڌو ماٿر ۾ موجود خدا جي وحدانيت واري تصور کي ختم ڪري هتي ٻٽيهه نوان خدا متعارف ڪرايا. جنهن جو اڳواڻ اِندر يا اِندرا هو. هنن هتي مختلف لهجن مان هڪ نئين ٻوليءَ کي جنم ڏنو جنهن کي سنسڪرت جو نالو ڏنائون. پوءِ هنن اِهو به ٻڌايو ته آسمانن منجهان هڪ ڪتاب نازل ٿيو آهي جنهن کي رِگ ويد چيو ويو. رِگ ويد ۾ اِندر يا اِندرا کي خدائن جو خدا قرار ڏنو ويو . جيئن ته هو سنسڪرت جي ڪا به اسڪرپٽ ( لِپي) نه ٺهرائي سگهيا ، تنهن ڪري اهو ماڻهن کان حفظ ( ياد ) ڪرايو ويو ته جيئن اهو سدائين جي لاءِ محفوظ رهي سگهي.

آريا لڳاتار پنج سئو سالن تائين سموري سنڌو ماٿري تي حڪومت ڪندا رهيا. نيٺ ڇهين قبل مسيح دوران جين مَت جي مَها وير ۽ ٻُڌ ڌَرم جي گوتم ٻُڌ اعلان ڪيو ته آرين جا سڀئي خدا ڪوڙا آهن. گوتم ٻُڌ ته سنڌو ماٿر جِيان عبادت جي نظام کي به رد ڪيو. جڏهن ماڻهن گوتم ٻُڌ کان پُڇيو ته ؛      ” جيڪڏهن آرين جا خدا ڪوڙا آهن پوءِ ، اسان ڪنهن جي عبادت ڪريون ؟ “ گوتم ٻُڌ جواب ڏنو ته؛ ” جيڪو وقت اوهان عبادت تي لڳايو ٿا، اهو ڪنهن انسان ذات جي خدمت ۾ گُذاريو!“

ان کان پوءِ هن ڪتاب جي ليکڪ جين مَت جي فلسفي بابت ڄاڻ ونڊي آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ”جَين مت عدم تشدد ، سَچَ ، چوري چَڪاري نه ڪرڻ، پرهيزگاري ۽ پاڪ دامني ۽ ڪاوڙ، تڪبر ، دوکي ۽ لالچ نه ڪرڻ وارن بُنيادي اصولن تي بيٺل آهي. جين مَت جي تعليمات ۽ فلسفي مطابق هيءَ ڪائنات نه ڪنهن خلقي آهي ۽ نه ئي ختم ٿيندي. هن دُنيا کي نه ڪو خالق گهرجي ۽ نه ئي هلائڻ لاءِ ڪنهن آفاقي قوت جي ضرورت آهي. هن دُنيا کي ڪنهن اڏيندڙ يا تباهه ڪندڙ جي به ضرورت ناهي!“.

تنهن کان پوءِ هن ڪتابَ جي ليکڪ ننڍي کنڊ جي پهرين شودر بادشاهه ’ مَها پَدم‘ جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪو چارواڪاس، گوتم ٻُڌ ۽ مَها وير کان هڪ سئو سال پوءِ اوج تي پهتو. هندو مت جي ڪتاب ’پُراڻ‘ مطابق مَها پَدم اتر هندستان جي هڪ رياست ’شِيش ناگ‘ جي بادشاهه مهانند جو پُٽ هو. مَها پَدم 345 قبل مسيح ڌاري ’ نند ايمپائر/ سلطنت‘ جو بُنياد وڌو ۽ هن فتوحات جو سلسلو جاري رکندي هندستان جي پهرين غير آريا سلطنت قائم ڪئي. ان وقت ننڍي کنڊ ۾ آرين جون سورهن عدد بادشاهتون قائم هيون. آريا ڌرم وارن کي هڪ شودر يعني هڪ نيچ جاتي وارو بادشاهه ٿيڻ نه آئڙيو تنهن ڪري هن سان سموري ننڍي کنڊ جي رياستن جنگون لڙيون. محدود تورايخي ڄاڻ مطابق مَها پَدم جي نَندا سلطنت جون سرحدون مغربي هندستان کان ويندي مَشرق ۾ اوڙيسا، پَنجاب، اُتر پرديش، ڪوسولا، مٿرا، بِهار، اوانتي، ڪئورو سلطنت، گُجرات، اِنڌرا پرديش ۽ ڪالنگا تائين پکڙجي ويون. مها پَدم لڳ ڀڳ ٽيويهه سال حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ 322 قبل مسيح ۾ ننڍي کنڊ ۾ ٻئي شودر بادشاهه چَندر گُپت موريا جي شهنشاهيت قائم ٿي. چندر گُپت موريا تواريخ جي سڀ وسيع سلطنت قائم ڪئي. چَندر گُپت لڳ ڀڳ چوويهه سال حڪومت ڪئي ۽ هو جَين مَت جو پيروڪار ٿيو. پوءِ سندس پُٽ بِندوسارا حڪومت ڪئي جنهن جون سورهن عدد زالون هيون جن منجهان کيس هڪ سئو پُٽَ ٿيا. بِندوسارا اٺاويهه سال حڪومت ڪئي. آخري ڏينهن ۾ جڏهن بندو سارا سخت بيمار ٿي پيو ته هن جو هڪ پُٽ اشوڪ / اسوڪا پاتلي پتر پهتو، جيڪو ان وقت اُجين جو گورنر هو. جيئن ئي بندو سارا جو انتقال ٿيو ته اشوڪ پنهنجا نوانوي ڀائر قتل ڪري ڇڏيا ۽ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. اشوڪا/ اسوڪا پنهنجو اباڻو جين ڌرم ڇڏي، ٻُڌ مت اختيار ڪيو ۽ سموري ننڍي کنڊ ۾ 84،000 (چوراسي هزار) ٻُڌ مت جا اسٽوپا ٺهرايائين. 250 قبل مسيح دوران هن ٻُڌ مَت جي فلسفي تي ٽي عدد عالمي سطح جون ڪانفرنسون پڻ ڪرايون. ٿي سگهي ٿو ته موهن جي دڙي وارو اسٽوپا ۽ ٺُلهه مير رُڪن وارو اسٽوپا به اشوڪ ٺهرايو هجي. شهنشاهه اشوڪا جي ڪارواين سبب ٻُڌ مت ننڍي کنڊ جو سڀ کان وڏو مذهب بڻجي ويو. اشوڪا ننڍي کنڊ تي لڳاتار ستٽيهه سال حڪومت ڪري پَرلوڪ پَڌاري ويو.

ان کان اڳتي هن ڪتابَ ۾ سنڌو ماٿر جي همعصر تهذيبن جو احوال ڏنو ويو آهي جنهن ۾ عراق جي سَميرين تهذيب ، اِر يا اُر جي تهذيب ، نيپور جي تهذيب ، ڪِش يا ڪُش وارن جي تهذيب ، بابل جي تهذيب، حمورابي جا قانون، لاگاش ، اُمه ، آئسن ۽ سنڌو ماٿر جي همعصر قديم مصر جي تهذيب جو تفصيلي احوال قلمبند ٿيل آهي. 208 صفحن تي ٻڌل هن ڪتابَ ۾ ليکڪ يوسف شاهين سنڌو ماٿر۽ ان سان لاڳاپيل همعصر تهذيبن جو احوال جامع انداز ۾ بيان ڪيو آهي. تحقيق ۽ تواريخ ۾دلچسپي رکندڙ شاگردن لاءِ هي ڪتاب نهايت ڪارائتو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙيون تواريخي حقيقتون بيان ٿيل آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ٻين تواريخي ماخذن ۾ موجود نه آهن.

You might also like