قديم نالا تاريخ جو حصو هوندا آهن، انهن کي تبديل نه ڪرڻ گهرجي

ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ صرف ان جي ماڻهن، ثقافت ۽ ٻولي سان نه پر ان جي تاريخي ماڳن، شهرن، ڳوٺن، دريائن، جبلن ۽ روڊن جي نالن سان پڻ جڙيل هوندي آهي. نالا رڳو سڃاڻپ جو ذريعو نه پر تاريخ، تهذيب، ثقافتي ورثي ۽ اجتماعي يادگيرين جا امين هوندا آهن. جڏهن ڪنهن قديم شهر، علائقي يا تاريخي ماڳ جو نالو تبديل ڪيو ويندو آهي ته ان سان رڳو هڪ لفظ تبديل نٿو ٿئي، پر ان علائقي جي صدين تي پکڙيل تاريخي سڃاڻپ به متاثر ٿئي ٿي. ان ڪري ضروري آهي ته قديم نالن کي محفوظ رکيو وڃي، البته ڪي نوان نالا رکڻا به هجن ته نون شهرن، عمارتن، شاهراهن، چونڪن ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ نوان نالا اختيار ڪيا وڃن. تازو جڏهن جنگشاهي ۾ رسول بخش پليجي جي تربت ڀرسان جلسي گاهه واري پلاٽ جو اشو اٿيو هو ته اسان تڏهن به ايڊيٽوريل ۾ لکيو هيو ته اسان قديم نالن جي تبديلي جي خلاف هوندا آهيون نه ته جيڪر ان پلاٽ ته ڇا پر ڳوٺ جو نالو ئي رسول بخش پليجو رکون.

دنيا جون ترقي يافته قومون پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت کي قومي ذميواري سمجهن ٿيون. اهي پراڻن شهرن، رستن ۽ ماڳن جا نالا برقرار رکنديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سمجهن ٿيون ته تاريخ سان جڙيل هر نالو ايندڙ نسلن کي پنهنجي ماضي سان ڳنڍي رکڻ جو ذريعو آهي. جيڪڏهن هر نئين حڪومت پنهنجي سياسي ترجيحن يا شخصيتن جي بنياد تي قديم نالا تبديل ڪرڻ شروع ڪري ته ڪجهه ڏهاڪن اندر تاريخي سڃاڻپ جو وڏو حصو ختم ٿي ويندو.

سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اهڙا ڪيترائي شهر، ڳوٺ ۽ ماڳ آهن، جن جا نالا صدين کان قائم آهن. انهن نالن جي پويان تاريخي واقعا، ثقافتي روايتون، مقامي ٻوليون ۽ سماجي ارتقا لڪل آهي. انهن کي تبديل ڪرڻ سان تاريخ جا اهم حوالا ڪمزور ٿي وڃن ٿا. ڪيترائي سياح ۽ محقق به انهن نالن ذريعي تاريخي تسلسل کي سمجهندا آهن. جيڪڏهن اهي نالا بدلجي وڃن ته تحقيق ۽ تاريخي مطالعي ۾ به مونجهارو پيدا ٿي سگهي ٿو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته حڪومتون يا سياسي جماعتون اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي پسنديده شخصيتن جي نالي تي پراڻن هنڌن جا نالا رکڻ جي شروع ڪنديون آهن. اهڙي روايت سان اختلاف پيدا ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته هر حڪومت پنهنجا نالا آڻڻ ۽ اڳين دور جا نالا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ٿي. نتيجي ۾ قومي اتفاق بدران تڪرار جنم وٺندا آهن.

ڪنهن به شخصيت جي عزت ڪرڻ يا سندس خدمتن کي مڃڻ لاءِ اهو ضروري ناهي ته ڪنهن تاريخي شهر يا علائقي جو پراڻو نالو ختم ڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪومت ڪنهن ملڪي، قومي اڳواڻ، عالم، اديب، شاعر، سائنسدان يا شهيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ چاهي ٿي ته ان لاءِ نوان شهر، نيون هائوسنگ اسڪيمون، نيون يونيورسٽيون، اسپتالون، پل، شاهراهون، پارڪ، ايئرپورٽ يا سرڪاري عمارتون موجود آهن، جن کي انهن شخصيتن جي نالي سان منسوب ڪري سگهجي ٿو. اهڙي طريقي سان نه رڳو قومي شخصيتن کي احترام ملندو، پر تاريخي ورثو به محفوظ رهندو.

قديم نالن جي اهميت صرف جذباتي نه پر تاريخي به آهي. دنيا ۾ سياحت جو وڏو حصو تاريخي سڃاڻپ سان لاڳاپيل هوندو آهي. جڏهن ڪو سياح ڪنهن شهر يا ماڳ تي پهچي ٿو ته هو ان جي تاريخ ڄاڻڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن تاريخي نالا تبديل ٿيندا رهندا ته سياحن ۽ محققن لاءِ به اصل تاريخ تائين پهچڻ ڏکيو ٿي ويندو. ڪيترن ملڪن پنهنجي قديم نالن کي برقرار رکي سياحت کي هٿي ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته اهي نالا پاڻ ۾ هڪ تاريخي برانڊ جي حيثيت رکن ٿا. ٻئي طرف بار بار نالا تبديل ڪرڻ سان انتظامي ۽ مالي مسئلا پڻ پيدا ٿين ٿا. سرڪاري رڪارڊ، نقشا، تعليمي ڪتاب، سائن بورڊ، قانوني دستاويز، ڪاروباري رجسٽريشن ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ تبديليون ڪرڻيون پونديون آهن، جنهن تي وڏو سرڪاري خرچ اچي ٿو. جيڪڏهن اهو خرچ تعليم، صحت، پاڻي، روڊن يا روزگار تي ڪيو وڃي ته ان مان عوام کي وڌيڪ فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو.

تاريخي نالن کي محفوظ رکڻ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته سماج ترقي نه ڪري. ترقيءَ جو تقاضو اهو آهي ته نوان شهر آباد ٿين، جديد شاهراهون ٺهن، صنعتي علائقا قائم ٿين ۽ جديد ادارا وجود ۾ اچن. انهن سڀني نون منصوبن کي نوان ۽ مناسب نالا ڏيڻ ۾ ڪنهن کي ڪو به اعتراض نه ٿيندو. اهڙي ريت تاريخ به محفوظ رهندي ۽ موجوده دور جون اهم شخصيتون به مناسب نموني سان ياد رکيون وينديون. اهو به ضروري آهي ته نالن جي تبديلي بابت ڪو واضح قومي اصول هجي. ڪنهن به تاريخي نالي کي تبديل ڪرڻ کان اڳ تاريخدانن، لساني ماهرن، ثقافتي ادارن، مقامي آبادي ۽ چونڊيل نمائندن سان مشاورت ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪو نالو تاريخي، ثقافتي يا لساني اهميت رکي ٿو ته ان کي محفوظ رکڻ کي ترجيح ڏني وڃي. فيصلا رڳو سياسي خواهشن بدران قومي مفاد ۽ تاريخي ذميواري کي نظر ۾ رکي ڪيا وڃن. تعليمي ادارن ۾ به شاگردن کي اهو شعور ڏيڻ گهرجي ته شهرن، ڳوٺن ۽ تاريخي ماڳن جا نالا ڪيئن وجود ۾ آيا ۽ انهن جي اهميت ڇا آهي. جڏهن نئين نسل کي پنهنجي تاريخ بابت آگاهي هوندي ته هو به انهن نالن جي حفاظت کي پنهنجي ذميواري سمجهندو. ثقافتي ورثي جي حفاظت صرف حڪومتن جو ڪم نه، پر سڄي سماج جي گڏيل ذميواري آهي.

ميڊيا، اديبن ۽ دانشورن تي به فرض آهي ته هو تاريخي نالن جي اهميت بابت عوام ۾ شعور پيدا ڪن. جڏهن معاشرو پنهنجي تاريخ سان محبت ڪندو ته پوءِ ڪنهن به حڪومت لاءِ بنا مضبوط سبب جي قديم نالا تبديل ڪرڻ آسان نه رهندو. سو قديم نالا قومن جي اجتماعي يادگيري، ثقافتي سڃاڻپ ۽ تاريخي تسلسل جا اهم نشان هوندا آهن. انهن کي تبديل ڪرڻ سان ماضي جا ڪيترائي حوالا ڌنڌلا ٿي سگهن ٿا. ان جي ابتڙ، نون شهرن، عمارتن، روڊن، پلن، پارڪن ۽ ادارن کي نوان نالا ڏيڻ سان نه صرف قومي شخصيتن کي عزت ملي ٿي، پر تاريخي ورثو به محفوظ رهي ٿو. تنهن ڪري وقت جي اهم ضرورت اها آهي ته حڪومتون ۽ سياسي قوتون قديم نالن کي تاريخي امانت سمجهي انهن جي حفاظت ڪن ۽ نون منصوبن لاءِ نوان نالا اختيار ڪرڻ جي روايت کي هٿي ڏين. اهڙي متوازن پاليسي ئي تاريخ، ثقافت ۽ قومي اتحاد جي تحفظ جي ضمانت بڻجي سگهي ٿي.

You might also like