گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي کان پوءِ ملڪ جي سياسي فضا ۾ هڪ نئون تحرڪ محسوس ڪيو پيو وڃي. ان ڪاميابي پارٽي جي اعتماد ۾ واڌ آندي آهي ۽ هاڻي اهو اعتماد آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊ مهم ۾ به واضح طور نظر اچي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي چونڊ مهم کي رڳو ووٽن جي مهم تائين نه پر سياسي بيانيي، مفاهمت ۽ عوامي حقن جي جدوجهد پيش جيڪا ڪوشش ڪري رهيو آهي.ان مان لڳي ٿو کيس سٺي موٽ ملڻ جي اميد آھي.
موجوده سياسي حالتن ۾ آزاد ڪشمير جي هڪ وڏي حصي ۾ وفاقي حڪومت جي ڪجھ پاليسين بابت بيچيني ۽ ناراضگي جو تاثر موجود آهي. انٽرنيٽ جي بندش، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي خلاف ڪارروايون، ۽ وفاقي وزير دفاع خواجا آصف جي بيان تي پيدا ٿيل ردعمل سياسي ماحول کي وڌيڪ حساس بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي ڪوشش ڪري رهي آهي ته هوءَ عوامي احساسن کي پنهنجي سياسي حڪمت عملي سان هم آهنگ بڻائي آزاد ڪشمير جي ماڻھن جي مالڪي ڪجي.
بلاول ڀٽو زرداري جي مهم جو هڪ نمايان پهلو اهو به آهي ته هو پنهنجي سياسي بيانيي کي ڀٽو خاندان جي تاريخي سياسي ورثي سان ڳنڍي رهيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ پوءِ صدر آصف علي زرداري تائين، پيپلز پارٽي هميشه مفاهمت، وفاق جي مضبوطي، جمهوري تسلسل ۽ عوامي حقن کي پنهنجي سياست جو بنيادي محور قرار ڏيندي آئي آهي. بلاول ڀٽو پاڻ کي انهيءَ سياسي تسلسل جو نمائندو طور پيش ڪري رهيو آهي، جتي اختلافن جو جواب محاذ آرائي بدران ڳالهين ۽ سياسي حل ۾ ڳوليو وڃي ٿو.
ڪوٽلي ۾ وڏي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري مخالف ڌر تي تنقيد سان گڏ آزاد ڪشمير جي سياسي، آئيني ۽ انتظامي معاملن تي به تفصيلي موقف پيش ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت خواجا آصف جي بيان کان لاتعلقي ظاهر نٿي ڪري ته پوءِ ان کي سرڪاري پاليسي جو حصو سمجهيو ويندو. ساڳئي وقت هن وفاقي ڪابينا مان خواجا آصف کي هٽائڻ جو مطالبو پڻ ورجايو، جيڪو هاڻي پيپلز پارٽي جي چونڊ مهم جو اهم سياسي نقطو بڻجي چڪو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي مهم ۾ حق خوداراديت، حق ملڪيت، حق روزگار ۽ اظهار جي آزادي کي مرڪزي حيثيت ڏئي رهيو آهي. هو آزاد ڪشمير ۾ انٽرنيٽ بحال ڪرڻ، احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڳولڻ ۽ هڪ آزاد ٽرٿ ڪميشن قائم ڪرڻ جهڙيون تجويزون پيش ڪري رهيو آهي. سندس موقف اهو آهي ته رياست ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد تڏهن ئي مضبوط ٿيندو، جڏهن اختلافن کي سياسي تدبر سان حل ڪيو ويندو.
سياسي تجزيي موجب بلاول جي مهم جو هڪ اهم مقصد ڪشميرين کي اهو احساس ڏيارڻ به آهي ته پاڪستان جي جمهوري سياست ۾ سندن آواز کي وڌيڪ مؤثر نمائندگي ملڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ آزاد ڪشمير جي نمائندن کي عبوري مبصر جي حيثيت ڏيڻ جي تجويز به ان ئي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي. اهو پيغام به ڏنو پيو وڃي ته شهيد ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري جيان، موجوده قيادت به ڪشميرين سان عزت، همدردي ۽ سياسي احترام واري پاليسي تي يقين رکي ٿي.
ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) ۽ حڪمران اتحاد بلاول ڀٽو جي تنقيد کي غير ذميواراڻو قرار ڏئي رهيا آهن. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته قومي معاملن تي احتياط ۽ ذميواري سان ڳالهائڻ گهرجي، جڏهن ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير بابت پنهنجي پاليسين جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. تنھنڪري لڳي ٿو ته چونڊ مهم هاڻي صرف سياسي مقابلي تائين محدود نه رهي آهي، پر مختلف سياسي بيانيَن جي آزمائش به بڻجي وئي آهي.
گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي پارٽي جي ڪارڪنن ۽ قيادت ۾ نئون اعتماد پيدا ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي جلسن ۾ وڏي عوامي شرڪت ۽ سندس مفاهمتي سياسي لهجي مان اهو تاثر ملي ٿو ته پارٽي هن چونڊ کي پنهنجي سياسي بحالي ۽ مستقبل جي وفاقي سياست لاءِ اهم موڙ سمجهي رهي آهي. ڪجھ سياسي مبصرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن موجوده عوامي ناراضگي برقرار رهي ته پيپلز پارٽي کي ان جو فائدو ملي سگهي ٿو، جڏهن ته ٻيا تجزيه نگار چون ٿا ته حتمي فيصلو هميشه ووٽر جي راءِ تي منحصر هوندو.پر ھن وقت بظاھر سياسي حقيقت اها آهي ته چونڊون رڳو جلسن يا تقريرن سان نه کٽبيون آهن، پر عوام جي اعتماد سان کٽبيون آهن. جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي بيانيي کي ووٽن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته اهو وفاقي سياست لاءِ اهم پيغام هوندو. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن حڪمران اتحاد پنهنجي ڪارڪردگي، تنظيم ۽ رياستي موقف جي بنياد تي ووٽرن کي قائل ڪري ٿو ته سياسي منظرنامو شايد مختلف رخ اختيار ڪري سگهي ٿو.
في الحال ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جون ايندڙ چونڊون صرف حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ روايتي مقابلو نه آهي، پر اهي وفاق ۽ ڪشمير جي لاڳاپن، عوامي حقن، سياسي مفاهمت ۽ مختلف سياسي بيانيَن جي اثرائتي هجڻ جو به امتحان آهن. گلگت بلتستان کان شروع ٿيندڙ پيپلز پارٽي جي سياسي رفتار آزاد ڪشمير تائين ڪيتري حد تائين برقرار رهي ٿي، يا حڪمران اتحاد ان جو رخ تبديل ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿو، ان جو حتمي فيصلو 27 جولائي تي چونڊ نتيجا ئي ڪندا.