ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي اسڪولن ۾ ملازمن جي حاضري لاءِ چهري جي سڃاڻپ (فيس ريڪگنيشن) تي ٻڌل نئون حاضري نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
تعليم کاتي جي ذريعن موجب، غير حاضر رهندڙ ۽ مبينا جعلي ڊگريون رکندڙ ملازمن خلاف به ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 1989ع کان 2020ع تائين ڀرتي ٿيل ملازمن جي ڊگرين جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
تعليم کاتي جي ذريعن موجب، جاچ دوران هزارين ملازمن وقت کان اڳ رٽائرمينٽ لاءِ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.
ذريعن موجب، هينئر تائين اٽڪل 15 هزار استادن ۽ غير تدريسي ملازمن وقت کان اڳ رٽائرمينٽ لاءِ درخواستون جمع ڪرائي چڪا آهن.
You might also like