سڊني (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي بيٽر ڊيوڊ وارنر شراب پي ڊرائيونگ ڪرڻ جو ڏوهه قبول ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هلندڙ سال اپريل ۾ شراب پي ڊرائيونگ ڪرڻ تي ڊيوڊ وارنر تي سڊني ۾ چارج ڪيو ويو هو، جنهن جي تصديق رينڊم ٽيسٽ ذريعي ٿي هئي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مئي ۾ ڊيوڊ وارنر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو هو ته ڊيوڊ وارنر ذميواري قبول ڪئي آهي ۽ ان کي احمقاڻي حرڪت قرار ڏنو آهي. اربع تي ٻڌڻي دوران ڊيوڊ وارنر کي ذاتي طور عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي ضرورت نه هئي.
ڊيوڊ وارنر جي وڪيل عدالت کي باضابطا طور آگاهه ڪيو ته وارنر ڏوهه قبول ڪري ورتو آهي، جڏهن ته 18 آگسٽ تي ٿيندڙ ٻڌڻي دوران ڊيوڊ وارنر کي سزا ٻڌائي ويندي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ان ڏوهه جي گهٽ ۾ گهٽ سزا ۾ 6 مهينن لاءِ ڊرائيونگ جي نااهلي، 2 هزار 200 آسٽريلوي ڊالر ڏنڊ ۽ 9 مهينن تائين جيل جي سزا به شامل آهي.
واضح رهي ته ڊيوڊ وارنر پاڪستان سپر ليگ دوران ڪجهه ڏينهن جون موڪلون گذارڻ لاءِ سڊني ويو هو.
موڪلن دوران دوستن جي دعوت کانپوءِ گهر واپس ويندي سندس ڊرنڪ ڊرائيونگ ٽيسٽ ڪيو ويو، جيڪو مثبت آيو، جنهن کانپوءِ مٿس چارج لاڳو ڪيو ويو.
You might also like