ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار نصيرالدين شاهه نئين دهلي ۾ پوليس طرفان شاگردن تي ڪيل لٺبازي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
اداڪار نصيرالدين شاهه دهلي ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن تي لٺبازي ڪندڙ پوليس اهلڪارن جي ڀيٽ آمريڪي ”آءِ سِي اِي“ ايجنٽن سان ڪئي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ نصيرالدين شاهه چيو ته”جيڪڏهن ڪو جاهل هن ملڪ جي اڳواڻي ڪندو ته سندس خواهش به اها ئي هوندي ته سڄو ملڪ به هن وانگر جاهل، اڻڄاڻ، نااهل ۽ بي رحم بڻجي وڃي.“
هن چيو ته ”هن وقت منهنجي دل ڏک ۽ ڪاوڙ سان ڀري پئي آهي، اهو ڏسي دلي ڏک ٿيو ته اسان جي ٻارن سان ڪهڙي ريت ظلم ڪيو پيو وڃي، هي غنڊا مون کي آمريڪي آءِ سي آءِ ايجنٽن ياد ڏياري رهيا آهن، جن جي هٿن ۾ ڏنڊا آهن ۽ منهن تي نقاب ويڙهيل اٿن، ڪڏهن پنهنجن ٻارن بابت به سوچيو ۽ اهو به ياد رکو ته هڪ ڏينهن توهان کي به پنهنجي عملن جو انجام ڀوڳڻو پوندو.“
نصيرالدين شاهه شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته “همت نه هارجو، ڪيئي ماڻهو اوهان سان همدردي رکن ٿا، پنهنجي جدوجهد جاري رکو، سڀ اوهان سان گڏ آهن.“
هن حڪومت کي مخاطب ڪندي چيو ته” صرف ايترو چوندس ته سڀ ڪجهه ياد رکيو ويندو.“
واضح رهي ته ڀارت ۾ نوجوانن جي سياسي تنظيم ڪاڪروچ جنتا پارٽي تعليم واري وزير جي استعيفيٰ جي مطالبي لاءِ پارليامينٽ ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران پوليس مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن تي لٺبازي ڪئي.