اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان ايران جي گهرو وزير اسڪنڊر مومني ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن، خطي جي تازي صورتحال ۽ امن لاءِ سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ، مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سڀني ڌرين تي زور ڏنو ته هو صبر جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪن، جيڪي خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو سبب بڻجن.
هن چيو ته پاڪستان هڪ ايماندار ۽ مخلص ٽياڪڙ ۽ سهولتڪار طور امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.
پڌرائيءَ موجب، وزيراعظم هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ تهران جي پنهنجي دوري جو ذڪر ڪندي ايراني قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
ايراني گهرو وزير اسڪنڊر مومني پاڪستاني قيادت جي مهمان نوازي تي ٿورو مڃيندي ايراني قيادت طرفان وزيراعظم شهباز شريف لاءِ نيڪ تمنائن جو پيغام پهچايو.
هن چيو ته سندس دوري جو مقصد پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.
وزيراعظم هائوس موجب، اسڪنڊر مومني وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي سفارتي ڪوششن کي به ساراهيو، جن جي نتيجي ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت طئي ٿي.
”ڌريون صبر ڪن، پاڪستان ايماندار ٽياڪڙ طور سهولتڪاري جاري رکندو“وزيراعظم جي ايراني گهرو وزير سان ڳالهه ٻولهه
You might also like