ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن بابت نئون نظام لاڳو، حڪومت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا طرفان پيٽروليم شين جي اگهن بابت نئين پرائسنگ ميڪنزم جي منظوري کانپوءِ ان جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جنهن تحت هاڻي پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جون ايڪس ڊيپو قيمتون روزاني بنيادن تي جاري ڪيون وينديون.
دستاويزن موجب، آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) هاڻي پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جا اگهه روزانو جاري ڪندي ۽ انهن جي منظوري لاءِ وزيراعظم يا وفاقي حڪومت کان ڌار منظوري جي ضرورت نه هوندي.
نئين نظام تحت اوگرا قيمتن جو تعين گذريل ستن ڏينهن جي عالمي مارڪيٽ ۾ ايوريج اگهن جي بنياد تي ڪندي، جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي اڳ ۾ جاري ڪيل اگهه برقرار رهندا.
نئين ميڪنزم موجب، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جون قيمتون به روزانو مقرر ڪيون وينديون. پيٽروليم ليوي ڪابينا طرفان مقرر ڪيل حد کان وڌيڪ لاڳو نه ڪري سگهبي، جڏهن ته ان جي شرح ۾ تبديلي رڳو ناڻي واري ڊويزن جي منظوري سان ممڪن هوندي.
دستاويزن موجب، مالي سال 2026-27 دوران هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي درآمد رڳو پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ذريعي ٿيندي، جڏهن ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي پنهنجي مارڪيٽ شيئر موجب پيٽرول درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي.
رپورٽ موجب، درآمد يا اپ لفٽمينٽ ۾ ناڪام رهندڙ ڪمپنين کي 9 مهينن تائين نئين درآمدي اجازت نه ڏني ويندي.
وفاقي حڪومت لاڳاپيل ادارن کي نئين پرائسنگ ميڪنزم تي فوري عملدرآمد يقيني بڻائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون آهن.

 

You might also like