صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن جي حوثي تنظيم انصارالله سعودي عرب خلاف سامونڊي ناڪابندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
انصارالله جي ترجمان چيو ته سعودي عرب طرفان يمن تي مڙهيل ناڪابندي جي جواب ۾ سعودي عرب خلاف بحري ناڪابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ حوثين سعودي عرب تي صنعا ايئرپورٽ تي هوائي حملا ڪرڻ جو الزام لڳائيندي ان جو جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.
ان کانپوءِ حوثين سعودي عرب تي ميزائل حملا به ڪيا، جن کي سعودي دفاعي نظام ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.
ٻئي پاسي، برطانوي خابرو اداري رائٽرز دعويٰ ڪئي هئي ته ايران جي حمايت يافته يمني حوثين جي سعودي عرب تي حملن پاڪستان ۾ به سخت ڳڻتي پيدا ڪئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ايران کي واضح ڪيو ته ”سعودي عرب اسان جي ريڊ لائين آهي، ان تي ڪنهن به حملي کي پاڪستان تي حملو تصور ڪيو ويندو.“
You might also like