واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي اداري ناسا پنهنجي سائڪي مشن ذريعي مريخ جي دنگ ڪندڙ ٽائيم ليپس وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڳاڙهي سياري جا اڳ ڪڏهن نه ڏٺل منظر ڏسي سگهجن ٿا.
مريخ، جنهن کي ڳاڙهو سيارو پڻ سڏيو ويندو آهي، اسان جي شمسي نظام جو اهو پاڙيسري سيارو آهي، جنهن بابت ڪيئي سائنسي مشن ۽ تحقيقون ٿي چڪيون آهن.
ناسا موجب، سائڪي خلائي جهاز کي سيارن جي وچ ۾ موجود سيارچن (Asteroid Belt) ڏانهن موڪليو ويو آهي.
پنهنجي سفر دوران اهو مئي 2026ع ۾ مريخ جي ويجهو کان گذريو، جتي هن مريخ جي ڪشش ثقل مان لاڀ حاصل ڪرڻ سان گڏ هزارين تصويرون پڻ ڪڍيون.
ناسا انهن تصويرن کي گڏائي هڪ شاندار ٽائيم ليپس وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن جي شروعات ۾ مريخ نئين چنڊ وانگر نظر اچي ٿو، جڏهن ته اڳتي هلي ان جي مٿاڇري ۽ برف سان ڍڪيل ڏکڻ قطب جا تفصيلي منظر ڏسي سگهجن ٿا.
سائنسدانن موجب، سائڪي خلائي جهاز جو اميجر بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي ۽ ان مريخ جا اهڙا منظر رڪارڊ ڪيا آهن، جيڪي اڳ ڪڏهن به نه ڏٺا ويا هئا.
ناسا موجب، سائڪي خلائي جهاز 2 مئي تي مريخ جي ويجهو پهچڻ شروع ڪيو ۽ 15 مئي تي تمام ويجهو گذريو، جڏهن ته اميد آهي ته اهو 2029ع ۾ پنهنجي منزل، سائڪي نالي سيارچي تائين پهچي ويندو.
You might also like