فيفا ورلڊ ڪپ فائنل: شهباز شريف جون عالمي چيمپيئن اسپين، ٽرمپ ۽ آمريڪا کي مبارڪون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جو ٽائيٽل کٽڻ تي اسپين کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسپين جي قومي ٽيم سڄي ٽورنامينٽ دوران غيرمعمولي مهارت، اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ بهترين ٽيم ورڪ جو شاندار مظاهرو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اها عالمي چيمپيئن بڻي.
وزيراعظم ميزبان ملڪ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي پڻ تاريخي ٽورنامينٽ جي شاندار انتظامن ۽ ڪامياب ميزباني تي واڌايون ڏنيون.
ان کانسواءِ هن گڏيل ميزبان ملڪن ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو جي حڪومتن ۽ عوام کي به فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني ۾ مثالي سهڪار تي ڀيٽا پيش ڪئي.
شهباز شريف فيفا جي صدر جياني انفانٽينو ۽ فيفا جي سموري ٽيم کي به ڪامياب ٽورنامينٽ تي ساراهيو.
وزيراعظم چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته راند هڪ عالمي ٻولي آهي، جيڪا سرحدن کان مٿانهون ٿي انسانيت کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ٿي ۽ گڏيل احترام، دوستي ۽ اتحاد جي جذبي کي هٿي ڏئي ٿي.
هن دعا ڪئي ته دوستي، يڪجهتي ۽ اتحاد جو اهو جذبو فائنل جي آخري سيٽي کانپوءِ به هميشه قائم رهي.

 

You might also like