ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ۽ چوٿين ڏينهن تي اسان جا بالر ٿڪجي پون ٿا: شان مسعود

لاهور (ويب ڊيسڪ (پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ معياري فاسٽ بالر تيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شان مسعود چيو ته ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ۽ چوٿين ڏينهن تي پاڪستاني بالر ٿڪجي پون ٿا، جنهن سبب مخالف ٽيم جا ٽيل اينڊر به آساني سان رنسون ٺاهين ٿا.
هن چيو ته ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ 20 وڪيٽون وٺڻ لازمي هونديون آهن، جنهن جو مطلب آهي ته ٽيم جي بالنگ مضبوط ۽ معياري هجڻ گهرجي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي بهتر نتيجن لاءِ اعليٰ معيار جا فاسٽ بالر تيار ڪرڻا پوندا.
ٻئي پاسي پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ چيو ته جيڪڏهن ڌيان رڳو اسپن بالنگ تي کتل رهيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته پچون تيار ڪندي ڪرڪيٽ جي سڀني شعبن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، جڏهن ته ريڊ بال ڪرڪيٽ جو بنياد جيترو مضبوط هوندو، اوتري ئي پاڪستان ڪرڪيٽ به بهتر ٿيندي.

You might also like