”توهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟“ سلمان خان جو پنهنجي صحت بابت خبرن تي مداحن کان سوال

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان پنهنجي وائرل ٿيل وڊيو تي دلچسپ ردعمل ڏيندي مداحن جي صحت بابت خدشن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ويجهڙ سلمان خان ممبئي ۾ سلم ري هيبيليٽيشن اٿارٽي(ايس آر اَي) جي هڪ سرڪاري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ سلمان خان هميشه جيان دبنگ انداز بدران ڪجهه نٻل، ٿڪل ۽ بيمار نظر اچي رهيو هو، جنهن سبب مداحن ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي.
وڊيو وائرل اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي تبصرن جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪيترن ئي مداحن سلمان خان جي صحت بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن لکيو ته سندن پسنديدا اداڪار تي عمر اثرانداز ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه کيس بيمار قرار ڏنو.
ان کانپوءِ سلمان خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي نيون تصويرون شيئر ڪيون ۽ مداحن کان سوال ڪيو، ”توهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟“
شيئر ڪيل تصويرن ۾ سلمان خان وائرل وڊيو جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صحتمند ۽ تندرست نظر آيو.
مداحن سندس هن پوسٽ کي صحت بابت هلندڙ افواهه جو هلڪي انداز ۾ ڏنل جواب قرار ڏنو ۽ ڪمينٽ سيڪشن ۾ دلچسپ ردعمل پڻ ڏنا.

You might also like