قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو دهلي ۾ احتجاج ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون، جنتر منتر جو اسٽيج ڊاهي ڇڏيو، چڪرين ۾ ڪيترائي زخمي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي جنتر منتر واري علائقي ۾ ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي جاري احتجاج دوران پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن احتجاج ڪندڙن کي علائقو خالي ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عارضي طور قائم ڪيل احتجاجي اسٽيج پڻ هٽايو ويو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن احتجاج ختم ڪرائڻ ۽ روڊ خالي ڪرائڻ دوران مظاهرين سان چڪريون ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جون پڻ رپورٽون سامهون آيون آهن.
رپورٽ موجب، احتجاج لاءِ عارضي طور تي قائم ڪيل اسٽيج کي پڻ مظاهرين کان خالي ڪرائڻ بعد هٽايو ويو.
واضح رهي ته هي اهو ئي اسٽيج هو، جتي مشهور سماجي ڪارڪن سونم وانگچڪ بک هڙتال ڪئي هئي ۽ جتان احتجاج ڪندڙ پنهنجي خطابن ذريعي مظاهرين کي خطاب ڪندا رهيا هئا.

You might also like