ايراني گهرو وزير صدر مسعود پزشڪيان جو اهم پيغام کڻي اڄ پاڪستان پهچندو، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سان ملاقات جو امڪان

اسلام آباد/تهران (ويب ڊيسڪ): ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني، ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو اهم پيغام کڻي اڄ پاڪستان جي دوري تي پهچندو.
ذريعن موجب، ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني پنهنجي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان اهم ملاقاتون ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪندر مومني ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ملاقات کي خاص اهميت حاصل آهي، جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني آمريڪا سان ڳالهين جي عمل ۾ پڻ انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.

You might also like