اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هن ڪا به غلط ڳالهه ناهي ڪئي، هو رڳو رياستي پاليسين سان اختلاف ڪري رهيو آهي،اڄ تائين توهان قوم کي ٻڌايو ته ڪارگل ۾ ڪيترا جوان شهيد ٿيا؟توهان اتي ڪيترن شهيدن جا جنازا وصول ڪيا؟ اسلام آباد ۾ جمعيت لائرز فورم جي اهتمام هيٺ ٿيل وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو ٻڌايو ته سهي؟توهان پنهنجي شهيدن کي هندن حوالي ڪيو،اتان کان هڪ بيان آيو ته اسان انهن کي اسلامي طريقي سان دفن ڪري ڇڏيو،هن چيو ته انهن شهيدن جو انگ مختلف ٻڌايو وڃي ٿو پر اهي سون جي انگ ۾ آهن،توهان پنهنجي شهيدن جا جنازا وٺڻ لاءِ تيار ناهيو،هن چيو ته ڀارت جي زور وٺڻ تي اسان شهيد ڪرنل شير خان جو جنازو وصول ڪيو هو،توهان پنهنجي شهيدن جي تذليل ۽ تحقير ڪئي آهي،پنهنجا ڏوهه لڪائڻ لاءِ شهيدن جي اوٽ ۾ لڪڻ جي ڪوشش پيا ڪريو،اسان ڪا به غلط ڳالهه ناهي ڪئي، سندس چوڻ هو ته سندس بيانن جي پنهنجي مرضي موجب تشريح ڪري ڪردارڪشي ڪئي پئي وڃي، پر هو ڪڏهن به سرينڊر نه ڪندو. مولانا فضل الرحمان چيو ياد رکو، مون کي منهنجي ماءُ پيءُ سرينڊر ڪرڻ لاءِ پيدا ئي ناهي ڪيو.،هن مطالبو ڪيو ته جنهن فوج ۽ جنهن جنرل پنهنجي آفيس مان مون خلاف ۽ جي يو آءِ خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي، ان کي معافي وٺڻي پوندي. سندس الزام هو ته اهڙي مهم ذريعي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي به توهين ڪئي وئي آهي.هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جو سپاهي قرباني ڏئي ٿو ته اها سندس فرض جو حصو آهي، پر هن به پنهنجي ساٿين ۽ عالمن جون قربانيون ڏٺيون آهن. هن چيو ته سندس استاد مولانا حسن جان شهيد ٿيو، جڏهن ته باجوڙ ۾ هن سوين جنازن ۾ شرڪت ڪئي ۽ هميشه شهيدن جي خاندانن سان همدردي ڪئي.هن چيو ته جي يو آءِ (ف) هميشه آئين ۽ قانون جي دائري اندر رهي سياست ڪئي آهي ۽ ڪڏهن به انتهاپسندي جي سياست ناهي ڪئي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حقِ خوداراديت جي ڳالهه ڪئي ته اها به عوام جي حمايت سان ڪئي. هن چيو ته اسان جي سياست،آئين،پارليامينٽ ۽ قانون کي يرغمال بڻايو ويو آهي،اسان جا حڪمران چون ٿا ته اسان پارليامينٽ ۾ آهيون،هي جمهوري حڪومت آهي،انهن ئي نام نهاد جمهوريت جي دعويدارن پنهنجي روين،پنهنجي خوشامد سان،اقتدار جي خيرات سان گڏ عوام کي ڪمزور ڪيو آهي، پارليامينٽ، آئين، جمهوريت کي ڪمزور ڪيو ۽ اسٽيبلشمينٽ کي مضبوط بڻائي ڇڏيو،هن چيو ته اسان جيڪڏهن حق جو مطالبو ڪريون ٿا ته اها خيرات ناهي، هن چيو ته اسان هڪ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي،حق حاڪميت گهرون ٿا، پنهنجي چيل لفظن تي تاحيات قائم رهندس،هن چيو ته اسان هن ملڪ ۾ سياست ڪري رهيا آهيون،اسان ڪڏهن به انتهاپسندي جي سياست ناهي ڪئي، هن ملڪ جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ملڪ ۾ شين جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. هن سوال ڪيو ته عوام کان لشڪر ٺاهڻ جو مطالبو ڇو ڪيو پيو وڃي، ۽ اوڀر پاڪستان ۾ البدر ۽ الشمس جي قيام جو حوالو ڏيندي چيو ته اهڙن فيصلن جا اثر اڄ تائين موجود آهن.مولانا فضل الرحمان وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته بنون، لڪي مروت ۽ ٽانڪ ۾ پوليس ۽ فوج جي لاڳاپن بابت ڳڻتي جوڳيون حالتون پيدا ٿيون آهن، جڏهن ته رياست جون سموريون توانائيون سياسي گرفت مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن.هن الزام لڳايو ته شهيدن جي رت کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ چيو ته اسان ته هميشه امن چاهيون ٿا، پر جڏهن حالتون سامهون اچن ته پوءِ ثابت قدم رهڻ گهرجي.،هن چونڊن بابت پڻ الزام هنيو ته ملڪ ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي،گلگت ۾ اسان جي ووٽن وارا بيلٽ باڪس درياءَ مان مليا،اهي ووٽ ڪير ڳڻيندو؟ هن چيو ته کيس بلوچستان ۾ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي، جيڪا هن رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ به اهڙي حڪومت جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪيو، جيڪا سندس چوڻ موجب "لوٽن” جي سهاري قائم ٿئي.هن چيو ته هن وقت سڄو ملڪ گهيراءَ واري صورتحال ۾ آهي ۽ ملڪ اندر شين جي کوٽ وڌندي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته مقتدر حلقا ان ڳالهه تي ناراض آهن ته اسان سوال ڪيو ته عوام کان لشڪر ٺاهڻ جو مطالبو ڇو ڪيو پيو وڃي. هن ماضي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ البدر ۽ الشمس جي قيام جو حوالو ڏيندي چيو ته اهڙن فيصلن جا اثر اڄ به موجود آهن.مولانا فضل الرحمان سوال اٿاريو ته ڇا هاڻي به نوان دشمن پيدا ڪيا پيا وڃن؟ هن دعويٰ ڪئي ته صوبائي حڪومت جي پوليس کي استعمال ڪرڻ بدران عام ماڻهن کي اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن بنون ۽ لڪي مروت جي واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته اتي پوليس ۽ فوج جي لاڳاپن بابت ڳڻتي جوڳيون حالتون سامهون آيون آهن.هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته ٽانڪ جي هڪ مسجد ۾ ڪجهه پوليس اهلڪارن قرآن پاڪ تي قسم کنيو ته سندن جنازي ۾ فوج شريڪ نه ٿيندي. هن چيو ته اهي حالتون سندس پيدا ڪيل ناهن، پر هو رڳو لاڳاپيل ادارن کي سندن اختيارن جي حدن جو احساس ڏيارڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.مولانا فضل الرحمان الزام هنيو ته رياست جون سموريون توانائيون سياسي گرفت مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن ۽ شهيدن جي رت کي به پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.چونڊن بابت ڳالهائيندي هن دعويٰ ڪئي ته گلگت ۾ اسان جي ووٽن وارا بيلٽ باڪس درياهه مان مليا،اهي ووٽ ڪير ڳڻيندو، ملڪ ۾ بدترين چونڊ ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ سوال ڪيو ته ڇا حڪومتون هميشه ڌانڌلي ذريعي ئي ٺهنديون رهنديون؟هن وڌيڪ چيو ته کيس بلوچستان ۾ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي، جنهن کي سندن پارٽي رد ڪري ڇڏيو. ساڳي ريت، سندس چوڻ موجب، خيبر پختونخوا ۾ به اهڙي حڪومت ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي جيڪا "لوٽن” جي سهاري قائم ٿئي، پر هن چيو ته جي يو آءِ (ف) اهڙي حڪومت جو حصو نه بڻجندي.