ڇا سلمان خان بيمار آهي؟ نيون تصويرون ڏسي مداحن ۾ ڳڻتي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلمان خان کي هڪ تقريب دوران ڏسي مداحن ۾ سندس صحت بابت ڳڻتي وڌي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب سلمان خان تازو ممبئي ۾ سلم ري هيبيليٽيشن اٿارٽي (ايس آر اي) پاران ڪوٺايل سرڪاري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن اداري جي نئين ڊيٽا ڪليڪشن اينڊ ويريفڪيشن سپورٽ سينٽر (آءِ ٽي سروس روم) جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي سلمان خان پنهنجي روايتي دبنگ انداز بدران ڪمزور نظر آيو، جنهن سبب سوشل ميڊيا تي سندس صحت بابت بحث شروع ٿي ويو.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۾ 60 ورهين جو اداڪار اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ۽ بيمار نظر اچي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ مداحن مختلف تبصرن ذريعي سندس صحت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like