افغان طالبان جي زمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، اهو ئي شڪوو آهي: حافظ نعيم الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته افغان طالبان جي عبوري حڪومت سان وڏو شڪوو آهي، ڇو ته سندن سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي ۽ هو ان کي روڪي نٿا سگهن.

خانگي ميڊيا اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ حافظ نعيم الرحمان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ رياست، عالمن ۽ قبائلي اڳواڻن جي ذريعي ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي سطح تي به عالمن جون تنظيمون موجود آهن، جيڪي ان معاملي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ چين، روس ۽ ترڪيه به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته ڳالهين کي ئي موقعو ڏيڻ گهرجي، ڇو ته تڪرارن سبب ٻنهي ملڪن جا عوام هڪ ٻئي کان پري ٿيندا پيا وڃن، جيڪو وڏو نقصان آهي.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيڪڏهن قبائلي علائقن جي نمائندن کي به شامل ڪيو وڃي ته هڪ وڏو جرڳو قائم ٿي سگهي ٿو، جيڪو ان مسئلي جي حل ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو.

هن چيو ته افغان حڪومت سان اسان جو وڏو شڪوو اهو آهي ته سندن سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، جيڪو هرگز نه ٿيڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام لڳ ڀڳ پنجاهه سالن تائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، تنهن ڪري اختلاف حڪومتن يا پاليسين سان ٿي سگهن ٿا، پر عوام کي ان جي سزا نه ملڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان افغان ڀائرن لاءِ پنهنجون مارڪيٽون ۽ ڪاروبار کوليا، تنهن ڪري ٻنهي ملڪن کي اختلاف وساري ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.

You might also like