اردن ۾ ايراني حملن ۾ 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا: پرڏيهي اخبار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار موجب ايران گذريل پنجن ڏينهن دوران اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي چار وڏا حملا ڪيا آهن، جن ۾ 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿيا ۽ ڪيترن ئي هيليڪاپٽرن کي نقصان پهتو.

رپورٽ موجب، آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته لاڳيتو حملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران وٽ نه رڳو ميزائلن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، پر آمريڪي فضائي دفاعي نظام کي چڪمو ڏيڻ جي صلاحيت به وڌي وئي آهي.

عملدارن موجب، پهرين حملي ۾ ڪنگ فيصل ايئر بيس تي رهائشي عمارت کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 آمريڪي اهلڪار زخمي ٿيا.

ٻئي حملي ۾ اوڀر اردن جي هڪ فوجي اڏي تي موجود آمريڪي بليڪ هاڪ هيليڪاپٽرن کي نشانو بڻايو ويو، ان کانپوءِ ايراني ميزائلن موافق السلط (الازرق) ايئر بيس کي نشانو بڻايو، جتي بنڪرن ۾ پناهه ورتل لڳ ڀڳ 20 آمريڪي فوجي زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

جمعي ڏينهن ساڳئي اڏي تي ٻيهر ٿيل حملي ۾ 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ 4 ٻيا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪجهه اهلڪارن کي معمولي زخمن کانپوءِ علاج ڪري ٻيهر ڊيوٽي تي موڪليو ويو.

واضح رهي ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) به 17 جولاءِ تي اردن ۾ ايراني بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون حملن دوران 2 آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ ۽ ڪيترن ئي اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪري چڪي آهي، جڏهن ته هڪ آمريڪي فوجي اڃا تائين لاپتا آهي.

هوڏانهن ايراني پاسداران انقلاب اڳ ئي اعلان ڪيو هو ته هنن اردن ۾ الازرق ايئر بيس تي ميزائلن ۽ ڊرونز سان حملو ڪيو، جنهن ۾ 2 فائٽر جيٽس، 3 آمريڪي جهاز، فائٽر جيٽ شيلٽرز ۽ پارڪنگ ريمپ کي نشانو بڻايو ويو.

You might also like