ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار عامر خان کي لارنس بشنوئي گينگ طرفان مبينا ڌمڪي ملڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن، جنهن کانپوءِ ڀارتي پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ پوسٽ ۾ پاڻ کي لارنس بشنوئي گينگ سان لاڳاپيل ظاهر ڪندڙ آرزو بشنوئي ۽ ٽائسن بشنوئي نالي ماڻهن عامر خان تي مبينا طور ”لوَ جهاد“ جي حمايت جو الزام لڳايو.
پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اداڪار اهڙن نظرين کي هٿي ڏئي رهيو آهي، جيڪي سندن خيال موجب ثقافتي ۽ مذهبي قدرن جي خلاف آهن، تنهنڪري ”هن شخص کي برداشت نه ڪيو ويندو“ ۽ کيس ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
ساڳئي پوسٽ ۾ راجسٿان جي ضلعي سري گنگا نگر ۾ 13 ورهين جي نينگري جي مبينا اغوا ۽ زيادتي واري واقعي جو به حوالو ڏنو ويو ۽ دعويٰ ڪئي وئي ته جيڪڏهن ڪنهن به جوابدار کي قانون کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته گينگ پاڻ ڪارروائي ڪندو.
رپورٽن موجب، ممبئي پوليس کي مبينا ڌمڪي بابت فيسبڪ پوسٽ ۽ هڪ وائس نوٽ ذريعي آگاهه ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل ادارن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽن موجب، اڃا نه عامر خان ۽ نه ئي سندس ٽيم طرفان ڪا باضابطا شڪايت داخل ڪرائي وئي آهي.
واضح رهي ته لارنس بشنوئي گينگ اڳ به ڪيترائي ڀيرا بالي ووڊ اداڪار سلمان خان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي چڪو آهي، 2024ع ۾ سلمان خان جي ممبئي واري رهائشگاهه ٻاهران فائرنگ جي ذميواري به انهيءَ گينگ قبول ڪئي هئي.
”عامر خان کي نه ڇڏينداسين“ هندو انتها پسندن کانپوءِ لارنس بشنوئي گينگ جي به اداڪار کي موتمار ڌمڪي
You might also like