ڳالهيون ئي بلوچستان مسئلي جو حل آهن: بلاو ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي، جنهن دوران صوبي جي انتظامي، سياسي ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران سرفراز بگٽي بلاول ڀٽو زرداري کي بلوچستان جي سياسي، انتظامي ۽ دهشتگردي سان لاڳاپيل صورتحال بابت آگاهي ڏني.
ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو دهشتگردي بابت پهرئين ڏينهن کان ئي واضح موقف رهيو آهي ۽ پارٽي هر صورت ۾ دهشتگردي خلاف رڪ جي ڀت وانگر بيٺل رهندي.
هن چيو ته بلوچستان جي سياسي مسئلن جو واحد حل ڳالهين ۾ آهي ۽ پيپلز پارٽي هميشه سياسي پارٽين سان سياسي ڳالهين تي يقين رکي ٿي.
سرفراز بگٽي ملاقات دوران ٻڌايو ته زيارت سانحي جي جاچ لاءِ وارثن جي مطالبي تي عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صوبي ۾ امن جي قيام لاءِ جلد آل پارٽيز ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي ويندي.

You might also like