تهران (ويب ڊيسڪ)ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو آهي ته ايران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت ڪيل پنهنجن واعدن تي عملدرآمد عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو آهي.
ايراني ميڊيا موجب، ڪاظم غريب آبادي چيو ته”اسان پنهنجي واعدن تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي، في الحال انهن تي عمل نٿا ڪريون ۽ پنهنجي ملڪ جي دفاع تي مڪمل ڌيان ڏئي رهيا آهيون.“
واضح رهي ته ڪاظم غريب آبادي آمريڪا سان ڳالهين ڪندڙ ايراني وفد جو به ميمبر رهيو آهي.
اسلام آباد مفاهمتي يادداشت پاڪستان جي ٽياڪڙيءَ سان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ طئي ٿي هئي، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستقل امن معاهدي لاءِ ڳالهين جي رستو ڪڍڻ هو.
پر گذريل هفتي سامونڊي جهازن تي حملن، آبناءِ هرمز جي ٻيهر بندش ۽ ايران طرفان سامونڊي ناڪابندي ٻيهر شروع ٿيڻ کانپوءِ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ ويڙهه ٻيهر شدت اختيار ڪري وئي آهي.
You might also like