ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنيئير صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ وڌندڙ پاڻي بحران بابت ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت کي لکت ۾ آگاهه ڪري چڪي آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته 1991ع جي پاڻي ورڇ معاهدي تحت سنڌ کي ان جو آئيني ۽ قانوني حصو هر صورت ۾ فراهم ڪيو وڃي.
هن چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه رڳو آئيني گهرج آهي، پر وفاقي يونٽن وچ ۾ اعتماد وڌائڻ لاءِ پڻ انتهائي ضروري آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان جي آبي وسيلن جو تحفظ ان وقت ئي ممڪن آهي، جڏهن هر صوبي کي ان جو جائز، آئيني ۽ قانوني حق ڏنو وڃي.
هن وفاقي حڪومت تي زور ڏنو ته پاڻي جي کوٽ واري معاملي کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ۽ سنڌ جي خدشن جو فوري ازالو ڪندي منصفاڻي بنيادن تي پاڻي جي ورڇ يقيني بڻائي وڃي.