فضل رحمان فوج ۽ شهيدن بابت بيان تي پڇتائي رهيو هوندو، پنهنجا لفظ واپس وٺي: گورنر سنڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ نهال هاشمي مولانا فضل الرحمان طرفان شهيدن بابت ڏنل بيان جي مذمت ڪندي ساڻس پنهنجا لفظ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ علامه طاهر اشرفي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر سنڌ نهال هاشمي چيو ته مولانا فضل الرحمان جو بيان افسوسناڪ آهي ۽ ان جي مذمت ڪريون ٿا.
هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، پوليس ۽ شهرين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اهي سڀ شهيد آهن. اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي بيان تي پڇتائي رهيو هوندو.
پريس ڪانفرنس دوران علامه طاهر اشرفي چيو ته قومي پيغام امن ڪميٽي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي سوچ ۽ فڪر کي اڳتي وڌائي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته شهيد اسان جي سر جو تاج آهن ۽ قوم انهن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي.

You might also like