قومي بيانيي کي نقصان پهچائيندڙ ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي، فضل الرحمان جي بيان تي خالد مقبول جو ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته هڪ قومي اڳواڻ کي اهو احساس هوندو ته سندس ڪهڙو بيان دشمن ملڪ ۾ سرخي بڻجي رهيو آهي، اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان وضاحت پيش ڪندو.
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته جمهوري ملڪ ۾ سياسي جماعتن کي اختلاف راءِ رکڻ جي اجازت آهي، پر اظهار جي هڪ حد هوندي آهي ته جيئن قومي بيانيي تي اثر نه پوي.
هن چيو ته اسان سڀني کي پنهنجي قومي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي ۽ سياسي بلوغت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، اسان کي سوچڻ گهرجي ته اسان جي بيانن سان دشمن کي خوش ٿيڻ جو موقعو نه ملي.
هن چيو ته ڇا اهڙو بيانيون هجڻ گهرجي، جيڪو قومي بيانيي جي نفي ڪري؟ هن خطي ۾ وڌندڙ باهه کي پاڪ فوج جي ڪوششن سان روڪيو ويو، اهڙا موقعا خدا قومن کي صدين کانپوءِ ڏيندو آهي ، ان جي حفاظت ڪرڻ گهرجي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين چيو ته معرڪاءِ حق کانپوءِ هڪ سال اندر پاڪستان پنهنجي خطي جي قيادت ڪندو نظر اچي رهيو آهي، ملڪ کي جيڪا عزت ۽ وقار مليو آهي، اهڙا بيان ان کي نقصان پهچائي رهيا آهن.
خالد مقبول صديقي وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم طرفان ڪڏهن به اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي وئي، اسان ”پاڪستان زنده باد“ جي نعري سان گڏ بيٺل آهيون.

You might also like