آمريڪا جو ايران ۾ ميزائل مرڪز ۽ سامونڊي دفاعي نظام تي حملو، وڊيو جاري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) دعويٰ ڪئي آهي ته هن اربع جي صبح ايران تي ڪيل حملن دوران تنب ٻيٽ ۾ موجود سامونڊي دفاعي نظام ۽ ميزائل اسٽوريج مرڪز کي نشانو بڻايو.
سينٽڪام سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي حملي جي هڪ مختصر وڊيو پڻ جاري ڪئي آهي.
سينٽڪام موجب، ايران تي اهي حملا لڳ ڀڳ 90 منٽن تائين جاري رهيا.
سينٽڪام پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته تازن حملن سان آبناءِ هرمز ۾ واپاري جهازن کي نشانو بڻائڻ واري ايراني صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو ويو آهي.

 

You might also like