وفاقي آئيني عدالت جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي وڏو رليف، هاءِ ڪورٽ جا حڪم معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي وڏو رليف ڏيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جا عبوري حڪم معطل ڪري ڇڏيا آهن.
عدالت ڪميشن خلاف جاچ، ڪامياب اميدوارن جا انٽرويو روڪڻ ۽ ناڪام اميدوارن جا امتحاني پرچا ٻيهر چيڪ ڪرڻ بابت جاري ڪيل حڪم معطل ڪري ڇڏيا آهن.
عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي وڌيڪ ڪارروائي پڻ روڪي ڇڏي آهي.
وفاقي آئيني عدالت پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 14 مئي، 21 مئي، 9 جون، 17 جون، 22 جون ۽ 30 جون تي جاري ڪيل حڪم معطل ڪيا ويا آهن.
عدالت ڪامياب اميدوارن جا انٽرويو روڪڻ ۽ ناڪام اميدوارن جا پرچا ٻيهر چيڪ ڪرڻ بابت حڪمن تي عملدرآمد به روڪي ڇڏيو آهي.

You might also like