ڇا ڪشمير به بلوچستان بڻجي رهيو آهي؟ طاهر بزنجو

ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر ۽ دانشور مير طاهر بزنجو چيو آهي ته ملڪ جي چئني پاسن کان جيڪا باهه لڳل آهي اها 78 سالن جي غلط پاليسين ۽ حماقتن جو نتيجو ۽ ثمر آهي،اسان ان جي هر ڀيري نشاندهي ڪندا رهياسين،هڪ بيان ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ هي باهه جيڪا ڪڏهن بلوچ علائقن تائين محدود هئي هاڻي اها بلوچستان جي پشتون علائقن ۾ به تيزي سان پکڙجي رهي آهي،ان باهه جي تپش ۽ گرمائش ڪشمير ۾ به محسوس ڪئي پئي وڃي،هن سوال اٿاريو ته ڇا ڪشمير به بلوچستان بڻجي  رهيو آهي؟جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جا سمورا مطالبا جائز آهن،شوڪت مير ۽ انهن جي ساٿين کي باعزت طريقي سان آزاد ڪري نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪيون وڃن

 

You might also like