انقره(عوامي آواز نيوز)فيلڊ مارشل عاصم منير ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان انقره ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ دفاعي سهڪار، دفاعي صنعت ۾ گڏيل تعاون، علائقائي سلامتي ۽ وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ترڪ صدارتي آفيس موجب اها ملاقات انقره ايئرپورٽ تي ٿي، جتي صدر اردوان قطر جي سرڪاري دوري تي روانگي کان اڳ فيلڊ مارشل عاصم منير سان مليا. ملاقات بند ڪمري ۾ ٿي، جنهن ۾ ترڪي جي نائب صدر جودت يلماز، چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سلچوق بائراقتاراوغلو ۽ قومي انٽيليجنس اداري (MİT) جي سربراهه ابراهيم قالن پڻ شريڪ هئا.سرڪاري ذريعن ملاقات جي اندروني تفصيلن بابت ڪا ڄاڻ جاري نه ڪئي، جڏهن ته سفارتي ۽ دفاعي حلقن موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪي جي دفاعي سهڪار، دفاعي صنعت ۾ گڏيل منصوبن، علائقائي امن، وچ اوڀر جي موجوده صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.هي ملاقات اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ دفاعي لاڳاپا مسلسل مضبوط ٿي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل فوجي مشقون، دفاعي پيداوار، ڊرون ٽيڪنالاجي، بحري منصوبن ۽ فوجي تربيت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ويجهو سهڪار جاري آهي.ان کان هڪ ڏينهن اڳ فيلڊ مارشل عاصم منير ترڪي جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سلچوق بائراقتاراوغلو سان پڻ ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران کين ترڪي جي هٿياربند فوجن جو اعليٰ فوجي اعزاز به ڏنو ويو.