فضل الرحمان جي تڪراري بيان تي مختلف سياسي پارٽين جو سخت ردعمل،معافي جو مطالبو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي هڪ تازي خطاب کان پوءِ ملڪ جي سياسي ميدان ۾ نئون تڪرار پيدا ٿي ويو آهي. پنجاب جي شهر قصور ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان رياستي ادارن، بابت سخت  ۽ تڪراري ڳالهيون ڪيون، جنهن کان پوءِ مختلف سياسي اڳواڻن سندس بيان جي سخت مذمت ڪندي کانئس معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وزير دفاع خواجه آصف چيو ته مولانا فضل الرحمان هڪ تجربيڪار سياستدان ۽ اهم مذهبي اڳواڻ آهن، تنهن ڪري انهن کان لفظن جي چونڊ ۾ وڌيڪ ذميواري جي اميد ڪئي ويندي آهي،هن چيو ته فوجي جوانن جي قربانين کي پگهار سان جوڙڻ ناانصافي آهي ۽ اهو شهيدن جي وارثن جي دل آزاري جو سبب بڻجي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪو به ماڻهو صرف پگهار لاءِ پنهنجي جان نٿو ڏئي، پر ان جي پٺيان نظريو، عقيدو ۽ وطن سان محبت هوندي آهي.”وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال پڻ مولانا فضل الرحمان جي خطاب کي اسلامي تعليمات ۽ اخلاقي قدرن جي ابتڙ قرار ڏنو.هن سوشل ميڊيا تي لکيو:مولانا صاحب، اسان جو اوهان سان هميشه احترام وارو تعلق رهيو آهي، پر اوهان جي بيان مان اهو تاثر مليو ته جذبات ۾ اچي شهيدن جي قربانين جي عظمت کي گهٽ ڪري پيش ڪيو ويو، جنهن سان لکين پاڪستانين جا جذبا مجروح ٿيا،هن وڌيڪ چيو:اڄ جيڪڏهن اسان مسجدن، مدرسن ۽ جلسن ۾ امن سان ويٺا آهيون ته ان جو سبب سرحدن تي بيٺل سپاهي آهن، اوورسيز پاڪستانين بابت مملڪتي وزير  عون چوڌري مطالبو ڪيو ته مولانا فضل الرحمان سڄي قوم ۽ شهيدن جي وارثن کان معافي گهري.سندس چوڻ هو ته شهيد جو اعليٰ درجو پگهار سان نه، پر وطن سان محبت ۽ ايمان سان حاصل ٿيندو آهي.”مملڪتي گهرو وزير  طلال چوڌري  چيو ته ڇا ڪنهن شهيد جي جان جي ڪا قيمت لڳائي سگهجي ٿي؟ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان جي بيان سان سڄي قوم جا جذبا مجروح ٿيا آهن، جڏهن ته پاڪ فوج گذريل 35 سالن کان مسلسل جنگي حالتن کي منهن ڏئي رهي آهي،پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته هوش سان ڳالهه ڪيو، هي فوج اسان جي قوم جو فخر آهي، جنهن جو هر جوان دشمن سان وڙهندي پنهنجي جان قربان ڪري ٿو.”وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله به نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته شهادت مؤمن جو مقصد آهي، ۽ اهو راز دنياوي مفادن ۽ پگهار واري سوچ کان گهڻو مٿانهون آهي،استحڪام پاڪستان پارٽي جي ترجمان فيض الحسن چوهاڻ چيو ته فوج پگهار لاءِ نه، پر وطن جي حفاظت لاءِ قربانيون ڏئي ٿي. مولانا  جي بيان سان شهيدن جي وارثن جي دل آزاري ٿي آهي.”ٻئي طرف اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري مختلف موقف اختيار ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان هڪ سنجيده ۽ داناءُ شخصيت آهن. خيبر پختونخوا جي صورتحال بابت سندس بيان کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي،متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ قوم جو فخر ۽ اعزاز آهن. اطلاعات واري وفاقي وزيرِ عطاءُ الله تارڙ چيو ته شهيد سڄي قوم جو فخر ۽ قومي غيرت جي علامت آهن شهيدن بابت سياسي گفتگو جي ڪا به گنجائش ناهي.قانون بابت مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ بيان کي انتهائي افسوسناڪ، غير ذميواراڻو ۽ ناقابلِ قبول قرار ڏيندي چيو ته اهڙا بيان شهيدن جي وارثن ۽ هر محبِ وطن پاڪستاني جي جذبن کي مجروح ڪن ٿا.پنجاب جي وزيرِ اطلاعات عظميٰ بخاري چيو ته شهيدن جي قربانين کي پئسن ۾ تورڻ انتهائي ڏکوئيندڙ عمل آهي.چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر بيورو جي چيئرپرسن ساره احمد چيو ته پاڪستان جي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به پگهارن يا مادي معيارن سان نٿو ماپي سگهجي. بيرسٽر دانيال چوڌري چيو ته شهيدن جي قربانين کي پگهار سان جوڙڻ ماڻهن جي جذبن کي مجروح ڪندڙ عمل آهي، جڏهن ته سپاهين جون قربانيون وطن سان محبت، ايمان، فرض شناسي ۽ ايثار جي جذبي جو مظهر آهن.

 

You might also like