ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي جي ڪيسن بابت اهو تاثر درست ناهي ته سنڌ حڪومت ڪا ڪارروائي نه ڪئي. هن چيو ته آڪٽوبر 2025ع ۾ جيئن ئي پهرين رپورٽ سامهون آئي، حڪومت فوري طور جاچ شروع ڪئي، اسڪريننگ جو عمل شروع ڪرايو ۽ ذميوارن خلاف قدم کنيا. سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني ٻڌايو ته جاچ ڪميٽي 6 نومبر 2025ع تي پنهنجي پهرين رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ۽ ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ جو ذڪر ڪيو ويو. هن چيو ته صوبائي محتسب جي هدايت تي ٻي جاچ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي، جڏهن ته ٻن ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽن کي هٽايو ويو. ٻي جاچ رپورٽ 19 جون 2026ع تي مڪمل ٿي، جنهن ۾ 78 تصديق ٿيل متاثر ٻارن ۽ 6 فوتگين جي نشاندهي ڪئي وئي. ان رپورٽ جي بنياد تي اسپتال جي 37 ڊاڪٽرن ۽ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ۽ انهن خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي. سعيد غني چيو ته هيل تائين وليڪا اسپتال ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 10 هزار 500 کان وڌيڪ ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، جنهن دوران 120 ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آهي. انهن مان 81 ماڻهو سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ هولڊر آهن، جڏهن ته 39 ماڻهو رجسٽرڊ نه هجڻ باوجود سنڌ حڪومت سندن علاج جو بندوبست ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته لانڍي سوشل سيڪيورٽي اسپتال ۾ به لڳ ڀڳ 2 هزار ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي، جتي 10 نوان ايڇ آءِ وي ڪيس سامهون آيا. هن چيو ته متاثر ٻارن جو علاج انڊس اسپتال، آغا خان اسپتال، ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۽ ٻين اسپتالن سميت پنجن وڏن طبي مرڪزن ۾ جاري آهي. هن واضح ڪيو ته حڪومت متاثر ماڻهن جو انگ وڌڻ جي خوف کان اسڪريننگ هرگز نه روڪيندي. جيڪڏهن وڌيڪ ڪيس سامهون اچن ٿا ته انهن جو علاج به حڪومت ڪرائيندي، ۽ ضرورت پوڻ تي اينڊومينٽ فنڊ ۾ به واڌ ڪئي ويندي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ملوث ڪنهن به ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف يا آفيسر سان رعايت نه ڪئي ويندي. ذميوارن کي نه رڳو نوڪرين مان برطرف ڪيو ويندو، پر انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري فوجداري ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي. ان موقعي تي آغا خان اسپتال جي ڊاڪٽر فيصل محمود چيو ته ايڇ آءِ وي جو مسئلو صرف هڪ علائقي تائين محدود ناهي، مختلف علائقن مان به ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترين خانگي ڪلينڪن ۾ به انفيڪشن ڪنٽرول جي اصولن تي مڪمل عمل نٿو ڪيو وڃي. انڊس اسپتال جي سي اي او ڊاڪٽر عبدالباري خان چيو ته پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي ۽ هيپاٽائيٽس سي جي شرح ڳڻتي جوڳي آهي، تنهن ڪري حڪومت، طبي ادارن ۽ لاڳاپيل ماهرن کي گڏجي ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي .