پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته جيڪڏهن آزاد ڪشمير ۾ صورتحال بهتر ٿي ته چونڊن جي بائيڪاٽ واري فيصلي تي نظرثاني ڪنداسين.
راولپنڊي ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊن جي بائيڪاٽ بابت اسان جو فيصلو برقرار آهي، پر جيڪڏهن صورتحال بهتر ٿي ته ان فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي.
هن چيو ته آزاد ڪشمير جي صورتحال بابت اسان جو موقف واضح آهي، اسان رياست مخالف بيانيي سان گڏ ناهيون، ايڪشن ڪميٽي جي مطالبن جي حمايت ڪئي، پر اسان رتو ڇاڻ نه ٿا چاهيون.
بئريسٽر گوهر چيو ته اسان مطالبو ڪيو هو ته مخالف ڌر جي اڳواڻن کي آزاد ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن ڪو حل ڪڍي سگهجي، ملڪ اسان جو آهي، فوج به اسان جي آهي ۽ ملڪ کي متحد رکڻ سڀني جي ذميواري آهي.
هن چيو ته پاڪستان تي ڪنهن به قسم جو سوديبازي نه ٿيندي، ملڪ دشمنن خلاف سڀني کي متحد ٿيڻ گهرجي، دهشتگردي هڪ ناسور آهي، جڏهن ته اسان جا شهيد قوم جا هيرو آهن ۽ کين ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته مئي 2025ع واري شڪست کانپوءِ ڀارت پاڪستان ۾ پراڪسي وار شروع ڪرڻ چاهي ٿو، پر دهشتگردي خلاف سڄي قوم متحد آهي.
پي ٽي آءِ باني بابت ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته باني خلاف سمورا ڪيس سياسي آهن، 5 آگسٽ تي تحريڪ انصاف ڇا ڪندي، ان جو فيصلو پارلياماني ۽ سياسي ڪميٽي ڪندي.
هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني ، سندس ڀاڻجي کانپوءِ عليمه خان کي به جيل موڪليو ويو ته ان سان ڪهڙو تاثر ويندو؟
بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته 270 ڏينهن کان پي ٽي آءِ باني سان ڪنهن جي به ملاقات نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته اسان چاهيون ٿا ته باني جي خاندان سان ملاقاتن جي ٻيهر اجازت ڏني وڃي.

You might also like