پاڪستان پاران سعودي تي حوثين جي ميزائل حملن جي سخت مذمت، امن جي بحالي لاءِ ڳالهين تي زور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سعودي عرب تي حوثين جي بيلسٽڪ ميزائل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان پنهنجي مڪمل حمايت جو عزم ورجائي ٿو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو وچ اوڀر (يمن) جي صورتحال تي هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون به خطاب ڪيو.
پاڪستان جي مستقل نمائندي عثمان جدون پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان سعودي عرب تي حوثين جي بيلسٽڪ ميزائل حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو.
عثمان جدون چيو ته سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان پنهنجي مڪمل حمايت جو عزم ورجائي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان يمن جي خودمختياري، آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي حمايت ڪري ٿو، جڏهن ته خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڳالهين، سفارتڪاري ۽ تحمل جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي وڌيڪ چيو ته يمن ۾ پائيدار امن رڳو گڏيل سياسي عمل ذريعي ئي ممڪن آهي.
واضح رهي ته يمن ۾ ايران جي حمايت يافته حوثي گروپ دعويٰ ڪئي آهي ته هن سعودي عرب جي ابها بين الاقوامي هوائي اڏي کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو.
حوثين جي ترجمان يحييٰ سريع موجب، اها ڪارروائي صنعا بين الاقوامي هوائي اڏي تي سعودي حملن جي جواب ۾ ڪئي وئي.
ياد رهي ته گذريل سال سيپٽمبر ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي سهڪار ۽ سلامتي بابت اسٽريٽجڪ معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت ڪنهن هڪ ملڪ خلاف بيروني جارحيت کي ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪيو ويندو.

You might also like