ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ تيز هوائون گُهلڻ ۽ ڪجهه هنڌن تي بوندا باندِي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جزوي طور جهڙالي ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، ان دوران شهر ۾ تيز هوائون گهلنديون ۽ ڪجهه علائقن ۾ بوندا باندِي به ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي موجب، هوا ۾ گهم جو تناسب 78 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سامونڊي هوائون 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلي رهيون آهن.
You might also like