راولا ڪوٽ:ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن جو سيڪيورٽي فورسز تي حملو، هڪ اهلڪار شهيد

راولاڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن طرفان راولاڪوٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي حملي دوران هڪ رينجرز اهلڪار شهيد جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو.
ذريعن موجب، اڄ صبح هٿياربند جٿن متيال ميرا بس ٽرمينل، راولاڪوٽ ويجهو شهري آبادي تي فائرنگ ڪئي، امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس اڳتي وڌي ته پوليس کي به نشانو بڻايو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس جي مدد لاءِ مقرر رينجرز جي نفري صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ موقعي تي پهتي، جتي ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن جي فائرنگ سبب هڪ رينجرز اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

You might also like