ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري سنڌ مختلف ايلوپيٿڪ ۽ هربل دوائن سميت سرنجن جا 79 نمونا غير معياري ۽ جعلي قرار ڏئي ڇڏيا آهن.
ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري سنڌ جنوري کان 13 جولاءِ تائين ورتل دوائن ۽ سرنجن جي نمونن بابت جاچ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب 2 هزار 461 نمونن مان 79 نمونا مقرر ڪيل معيار تي پورا نه لٿا.
رپورٽ موجب، 30 آٽو ڊس ايبل سرنجون غير معياري ۽ جعلي مليون آهن، آٽو ڊس ايبل سرنجون رڳو هڪ ڀيرو استعمال لاءِ هونديون آهن، پر فراهم ڪيل ڪجهه سرنجون مڪمل طور آٽو ڊس ايبل نه هئڻ سبب انهن جي ٻيهر استعمال جو خدشو موجود آهي.
ڊائريڪٽر ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري سنڌ ڊاڪٽر سيد عدنان رضوي چيو آهي ته هڪ ئي سرنج مختلف مريضن تي استعمال ٿيڻ سان انفيڪشن پکڙجڻ ۽ علاج متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو، جڏهن ته معياري آٽو ڊس ايبل سرنجن جي استعمال سان ايڇ آءِ وي، هيپاٽائٽس ۽ رت وسيلي وچرندڙ ٻين بيمارين کان بچاءُ ممڪن بڻجي سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 20 هربل شين ۾ ايلوپيٿڪ جزن جي موجودگي سامهون آئي آهي، جڏهن ته 9 دوائون پاڪستان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) وٽ رجسٽرڊ ئي نه هيون.
You might also like