ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار گووندا جي گهرواري سنيتا آهوجا پنهنجي ۽ گووندا جي طلاق بابت هلندڙ افواهن کي رد ڪندي چيو آهي ته گووندا جي افيئرز ۽ بيوفائي جي خبرن باوجود هوءَ کيس ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سنيتا آهوجا نيٽ فلڪس جي ريئلٽي شو” لاڪ اپ“۾ اميدوار طور شامل ٿي هئي، پر صحت جي خرابيءَ سبب کيس شو اڌ ۾ ئي ڇڏڻو پيو.
شو دوران هڪ مختصر انٽرويو ۾ سنيتا آهوجا چيو ته سندن رشتي ۾ اعتماد ۽ محبت ڪيترين ئي آزمائشن مان گذريو آهي، پر ان باوجود سندس گووندا سان محبت اڄ به قائم آهي.
هن چيو ته اعتماد سڀ کان اهم شيءِ آهي ۽ کيس نٿو لڳي ته فلم انڊسٽري جو ڪو به هيرو مڪمل طور بي عيب هوندو، ڇو ته هو گهڻو وقت هيروئنز سان گذارين ٿا.
سندس چوڻ هو ته اهڙي صورتحال کي ڪيئن ڏسڻو آهي، اهو هر زال جي محبت ۽ اعتماد تي دارومدار رکي ٿو.
سنيتا آهوجا وڌيڪ چيو ته هوءَ جڏهن 15 سالن جي هئي ته گووندا سان محبت ٿي هئي، اڄ 56 سالن جي عمر ۾ به هوءَ ساڻس اوتري ئي محبت ڪري ٿي.
هن اعتراف ڪيو ته ڪيترائي ڀيرا گووندا کي معاف ڪيو آهي ۽ شايد کانئس به ڪي غلطيون ٿيون هجن، پر جيڪڏهن محبت سچي هجي ته انسان معاف ڪري اڳتي وڌي ويندو آهي.
واضح رهي ته گووندا ۽ سنيتا آهوجا جي طلاق بابت افواهه گذريل فيبروري کان سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته تازن انٽرويوز کانپوءِ سندن اختلافن بابت اڳڪٿين ۾ وڌيڪ واڌ آئي آهي.
You might also like