اسان جي گيس تي ٻين جا خارخانا پيا هلن، پنجاب آئين جي ڀڃڪڙي پيو ڪري: ڪي پي حڪومت

پشاور (ويب ڊيسڪ خيبرپختونخوا جي سڌ سماءُ واري وزير شفيع جان چيو آهي ته صوبي سان هميشه امتيازي سلوڪ ٿيندو رهيو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجو تيل، گيس يا بجلي بند ڪري ڇڏيون ته اسان خلاف ترت ڪارروائي ٿيندي، تنهنڪري اسان کي اهڙو قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، ڇو ته اسان جي گيس سان ٻين جا ڪارخانا هلي رهيا آهن.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پنجاب ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي نظر نٿي اچي.
شفيع جان چيو ته خيبرپختونخوا کي ساليانو 54 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ضرورت آهي، جڏهن ته صوبي ۾ رڳو 16 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پيدا ٿئي ٿي، جنهن سبب 38 لک ميٽرڪ ٽن جي کوٽ آهي.
هن ٻڌايو ته هن وقت صوبي وٽ 2 لک 68 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي. پاسڪو سان هڪ لک 75 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهمي جو معاهدو ٿيو هو، جنهن مان هينئر تائين رڳو 25 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ملي آهي، جڏهن ته باقي ڏيڍ لک ميٽرڪ ٽن معاهدي تحت فراهم ڪئي ويندي.
صوبائي وزير چيو ته پنجاب حڪومت رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ چيڪ پوسٽن تي لکين رپيا ورتا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت آئين جي آرٽيڪل 151 جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي ۽ ان معاملي تي 15 کان وڌيڪ سرڪاري خط پنجاب حڪومت ڏانهن موڪليا ويا آهن.
شفيع جان وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي ترسيل کي آسان بڻايو وڃي، جڏهن ته وڏي وزير صوبي جي مسئلن تي اپوزيشن ۽ گورنر کي به گڏ کڻي هلڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي.

You might also like