ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته دهشتگرد ڪيترا به حملا ڪن، هو پاڪستان جو جهنڊو نه ڇڏيندا، ڇو ته بلوچستان جا ماڻهو پاڪستان سان محبت ڪن ٿا.
ڪوئيٽا ۾ نوابزادا سراج رئيساڻي جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ لسٻيلي ۾ پاڪ فوج جا 11 جوان شهيد ٿيا، جڏهن ته ڪالهه پنج بيگناهه حجن کي به شهيد ڪيو ويو.
هن سوال ڪيو ته ڇا اهڙا واقعا اسان جي روايت آهن؟ ڇا ڪير ان جي مذمت ڪري رهيو آهي يا ان خلاف ڌرڻو هڻي رهيو آهي؟
سندس چوڻ هو ته اها هڪ سازش آهي، جنهن کي سڀني کي گڏجي ناڪام بڻائڻو پوندو.
وڏي وزير چيو ته ٻه مهينا اڳ سندس ننڍو ڀاءُ به حملي ۾ زخمي ٿيو هو، پر هو اڄ به دهشتگردن خلاف سرگرم آهي.
سرفراز بگٽي چيو ته ايف سي، بلوچستان پوليس ۽ پاڪ فوج جا جوان دهشتگردي خلاف قربانيون ڏئي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته هڪ پاسي رياستي اهلڪار ۽ شهري شهيد ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ٻي طرف الزام به رياست تي هنيو وڃي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته شهيد سراج رئيساڻي جي قرباني بلوچستان جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکي ويندي، شهيد صوبي جي ڏکين حالتن دوران دهشتگردي خلاف پهرين صف ۾ بيٺل هو.
You might also like