ايراني شهر آبادان تي آمريڪي حملي ۾ ٻه ڄڻا شهيد

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني ميڊيا موجب ايراني شهر آبادان تي آمريڪي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڄڻا شهيد ٿي ويا.

هوڏانهن بحرين ايران تي تازن حملن دوران شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ جو الزام لڳايو آهي. بحرين جي فوجي جنرل ڪمانڊ هڪ بيان ۾ چيو ته ايران ميزائلن ۽ ڊرونن ذريعي شهرين کي نشانو بڻائڻ واري جارحاڻي پاليسي جاري رکي آهي، جڏهن ته بحرين جي فضائي دفاعي نظام ڪيترن ئي ايراني ميزائلن ۽ ڊرونن کي فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو.

You might also like