ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ هميشه 1991ع واري پاڻي واري معاهدي تحت پنهنجي جائز حصي جي پاڻي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ان موقف تي اڄ به قائم آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عابد شير علي جي تازي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته پاڻي جهڙي حساس قومي معاملي تي ذميواراڻا بيان ڏيڻ گهرجن ۽ صوبن جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
ڄام خان شورو چيو ته ڪئنالن وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ بحث هيٺ اچڻ کانپوءِ حل ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري اهڙا بيان نه ڏنا وڃن، جيڪي صوبن جي وچ ۾ نفرت يا تڪرار کي هٿي ڏين.
هن چيو ته پاڻي جي دستيابي، ورڇ ۽ استعمال بابت حقيقتن کي سامهون رکي ذميواراڻي نموني ڳالهائڻ گهرجي، ڇو ته اهو انتهائي حساس قومي معاملو آهي، جنهن جو تعلق سمورن صوبن جي مفادن سان آهي.
صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته قومي ايڪي ۽ بين الصوبائي هم آهنگي کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني سياسي اڳواڻن جي ذميواري آهي ته هو اهڙن معاملن تي محتاط ۽ ذميواراڻو رويو اختيار ڪن، جيئن قومي سطح تي اتفاق راءِ ۽ اعتماد جي فضا قائم رهي.
سنڌ هميشه پنهنجي حصي جو پاڻي گهريو آهي، غير ذميواراڻا بيان صوبن ۾ نفرتون پيدا ڪندا: ڄام خان شورو
You might also like