يمن جي حوثين سعودي عرب تي صنعا ايئرپورٽ تي هوائي حملا ڪرڻ جو الزام لڳائيندي خبردار ڪيو آهي ته ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
حوثين جي ترجمان يحيٰ سريع هڪ بيان ۾ چيو ته سعودي عرب صنعا ايئرپورٽ کي نشانو بڻايو، جنهن جي ذميواري رياض تي لاڳو ٿئي ٿي. هن حملي جي جواب ۾ ڪارروائي ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي سعودي عرب طرفان انهن الزامن تي فوري طور ڪو سرڪاري ردعمل سامهون نه آيو آهي.