غير قانوني طريقي سان يورپ وڃڻ جي ڪوشش، 335 پاڪستاني حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يورپي ملڪن ڏانهن غيرقانوني طريقي سان وڃڻ جي ڪوشش دوران ٻيڙين جي مختلف حادثن ۾ 335 پاڪستاني حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
ايف آءِ اي جي دستاويزن موجب، جون 2023ع کان هنيئر تائين ٻيڙين جا 7 خطرناڪ حادثا پيش آيا آهن.
ايڏي وڏي جاني نقصان باوجود غيرقانوني رستن ذريعي يورپ وڃڻ جون ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته انساني اسمگلنگ جا نيٽ ورڪ ماڻهن کي اهڙي خطرناڪ سفر تي هرکائي ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب، جون 2023ع ۾ يونان ويندڙ ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي، جنهن ۾ 226 پاڪستاني سوار هئا، انهن مان 207 فوت ٿي ويا، جڏهن ته 19 ڄڻا بچي ويا.
ڊسمبر 2024ع ۾ يونان ويندڙ هڪ ٻي ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي، جنهن ۾ 69 پاڪستاني سوار هئا، ان حادثي ۾ 25 پاڪستاني فوت ٿيا، جڏهن ته 44 ڄڻن کي بچايو ويو.
دستاويزن موجب، جنوري 2025ع ۾ مراڪش ويجهو ٻيڙي حادثي ۾ 70 پاڪستاني سوار هئا، جڏهن ته فيبروري 2025ع ۾ ليبيا ۾ پيش آيل ٻيڙي حادثي ۾ 40 پاڪستانين جي نشاندهي ٿي، جن مان 23 فوت ۽ 13 ڄڻا بچايا ويا.
ايف آءِ اي موجب، 2025ع ۽ 2026ع دوران ليبيا مان سمنڊ ذريعي غير قانوني طور يورپ وڃڻ دوران ٻيڙيون ٻڏڻ جا 4 وڏا حادثا پيش آيا. فيبروري، اپريل ۽ آڪٽوبر 2025ع، جڏهن ته اپريل 2026ع جي انهن حادثن ۾ مجموعي طور 102 پاڪستاني متاثر ٿيا، جن مان 71 فوت ٿيا، جڏهن ته 30 ڄڻن کي بچايو ويو.
ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وڏي جاني نقصان باوجود غيرقانوني لڏپلاڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي ۽ انساني سمگلنگ جا نيٽ ورڪ اڃا تائين ماڻهن جي زندگي ۾ جوکي ۾ وجهي يورپ موڪلڻ ۾ سرگرم آهن.

 

You might also like