آمريڪي حملي ۾ متاثر ٿيل ريلوي پل مرمت کان پوءِ ٻيهر بحال

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي صوبي گلستان ۾ آمريڪي حملي سبب متاثر ٿيل ريلوي پل جي مرمت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان کي ٻيهر هلائڻ لاءِ کولي ڇڏيو ويو آهي.

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، گورنر علي اصغر چيو آهي ته حملي کان 24 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ پل جي بحالي دشمن جي ڌمڪين ۽ جارحيت جو عملي جواب آهي.

آمريڪي حملي ۾ گرگان–اينچه برون ريلوي لائين کي نقصان پهتو هو، جيڪا ترڪمانستان ۽ وچ ايشيا سان ايران جي اهم ريلوي رابطي جي لائين آهي.

You might also like