تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايراني هٿياربند فوج دشمن جي هر چرپر تي نظر رکي رهي آهي.
هن چيو ته ساحلي علائقن، ٻيٽن، سرحدن ۽ ٻين حساس هنڌن تي لڳاتار نگراني جاري آهي، جڏهن ته ايراني فوج مڪمل طور چوڪس آهي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايراني قوم پنهنجي فوج جي ثابت قدمي، قربانين ۽ وطن جي دفاع لاءِ ڏنل خدمتن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.