ايران خلاف آمريڪي جارحيت جي حمايت تي يو اي اي جو احتساب ٿيڻ گهرجي

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي مطالبو ڪيو آهي ته ايران خلاف آمريڪي جارحيت جي حمايت ڪرڻ تي گڏيل عرب امارات جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

هن آمريڪا ۽ يو اي اي تي ملي ڀڳت جو الزام لڳائيندي چيو ته آمريڪي واپار واري کاتي جي دستاويزن موجب برآمداتي ضابطن ۾ نرمي ڪئي وئي ۽ امارات جو واپاري درجو به وڌايو ويو، جيڪو ايران خلاف فوجي جارحيت جي حمايت جي بدلي ۾ ڪيو ويو.

ٻئي پاسي ايران گڏيل قومن کان آمريڪا جو احتساب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like