آمريڪا جو ايران کان آبناءِ هرمز ۾ حملن ۽ ٽول ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ايران کان مطالبو ڪيو آهي ته هو عوامي سطح تي اعلان ڪري ته آبناءِ هرمز ۾ حملن کي بند ڪيو ويندو ۽ جهازن کان ٽول ٽيڪس وصول نه ڪيو ويندو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، آمريڪي عملدارن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران ائين نه ڪيو ته نتيجا سٺا نه نڪرندا.

هنن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تازيون ڳالهيون هاڪاري رهيون آهن، پر جيڪڏهن ايران پنهنجي جوهري مرڪزن تائين رسائي نه ڏني ته آمريڪا وٽ فوجي آپشن موجود آهن.

You might also like